اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته جڏهن مصطفيٰ ڪمال ڪراچيءَ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو ته شهر جي ترقي نمايان هئي، هو پوري يقين سان چوي ٿو ته مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻيءَ ۾ صحت جو شعبو وڌيڪ ترقي ڪندو. اهڙو اظهار هن مڊ هيلٿ اينڊ بيوٽي ايڪسپو 2026ع جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيون …
سيد مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي جي ترقي نمايان هئي: ريلوي واري وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته جڏهن مصطفيٰ ڪمال ڪراچيءَ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو ته شهر جي ترقي نمايان هئي، هو پوري يقين سان چوي ٿو ته مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻيءَ ۾ صحت جو شعبو وڌيڪ ترقي ڪندو. اهڙو اظهار هن مڊ هيلٿ اينڊ بيوٽي ايڪسپو 2026ع جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال، وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينه جو اسٽار بيٽسمين آهي ۽ صحت جي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪري رهيو آهي. حنيف عباسي چيو ته ريلوي اسپتالن جي حالت ۾ بهتري آندي وئي آهي ۽ پاڪستان ريلوي جي آمدنيءَ ۾ به خاطرخواه اضافو ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي تمام وڏي عزت بخشي آهي ۽ ملڪ ترقيءَ طرف گامزن آهي.











