اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 200 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 55 هزار 236 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن مطابق اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت 200 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 55 هزار 236 روپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 200 روپين جي گهٽتائي رڪارڊ
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 200 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 55 هزار 236 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن مطابق اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت 200 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 55 هزار 236 روپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 10 روپيه گهٽتائي کانپوءِ 389854 روپين کان گهٽ ٿي 389684 روپيه ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 357549 روپين کان گهٽ ٿي 357394 روپيه ٿي وئي. آل سنڌ صرافه ايسوسي ايشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 44 روپيه اضافي کانپوءِ 7497 روپيه ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 38 روپيه اضافي کانپوءِ 6385 روپيه ٿي وئي. رپورٽ مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4330 ڊالر گهٽ ٿي 4328 ڊالر ٿي وئي.












