ايران جو تيل کڻي ويندڙ 2 جهاز آمريڪي ناڪابندي واري زون مان نڪري ويا: رپورٽ

بيجنگ- 17 جون (اي پي پي) ايران جو تيل کڻي ويندڙ 2 جهاز آمريڪي ناڪابندي واري زون مان نڪري ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ميري ٽائم انٽيليجنس ڪمپني ٽينڪر ٽريڪرز اربع ڏينهن رپورٽ ڪئي آهي. ڪمپنيءَ موجب اهو ايران جو گذريل ٻن مهينن ۾ ڪچي تيل جو پهريون روانگي واپار آهي، جنهن جي تصديق ڊجيٽل ٽريڪنگ ڊيٽا ۽ سيٽلائٽ تصويرن ذريعي ڪئي وئي. ٽينڪر ٽريڪرز ٻُڌايو ته آءِ ايس …

بيجنگ- 17 جون (اي پي پي) ايران جو تيل کڻي ويندڙ 2 جهاز آمريڪي ناڪابندي واري زون مان نڪري ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ميري ٽائم انٽيليجنس ڪمپني ٽينڪر ٽريڪرز اربع ڏينهن رپورٽ ڪئي آهي. ڪمپنيءَ موجب اهو ايران جو گذريل ٻن مهينن ۾ ڪچي تيل جو پهريون روانگي واپار آهي، جنهن جي تصديق ڊجيٽل ٽريڪنگ ڊيٽا ۽ سيٽلائٽ تصويرن ذريعي ڪئي وئي. ٽينڪر ٽريڪرز ٻُڌايو ته آءِ ايس ڊيٽا ۽ 15 جون 2026ع کي حاصل ٿيل سيٽلائٽ تصوير موجب ايران جي نيشنل ايراني ٽينڪگ ڪمپني جي وي ايل سي سي جي سپر ٽينڪر، جنهن جو نالو ڊيونا (9569695) ۽ هيرو 2 9362073 آهن، ان علائقي مان ٻاهر نڪري ويا آهن. رپورٽ موجب انهن ٻنهي جهازن ۾ مجموعي طور تي اٽڪل 38 لک بيرل ايراني ڪچو تيل موجود هو.

مزید خبریں