پاڪستان 30 ايراني شهرين جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي خوش آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 17 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان 30 ايراني شهرين جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي خوش آهي. ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته انهن ۾ 8 ايراني مُهاڻا شامل آهن جن کي برطانوي سامونڊي جهاز ايم ايم اي ويلر سمنڊ ۾ ان وقت بچايو جڏهن انهن جي ٻيڙيءَ حادثي جو شڪار …

اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان 30 ايراني شهرين جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي خوش آهي. ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته انهن ۾ 8 ايراني مُهاڻا شامل آهن جن کي برطانوي سامونڊي جهاز ايم ايم اي ويلر سمنڊ ۾ ان وقت بچايو جڏهن انهن جي ٻيڙيءَ حادثي جو شڪار ٿي ڦاسي وئي هئي. نائب وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ لينور/ داوينا نالي جهاز جا 22 ايراني عملي جا ميمبر پڻ شامل آهن جن کي تازو ئي آمريڪا عملدارن تحويل ۾ ورتو هو. هن چيو ته ٻنهي گروپن جي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي جي ذريعي لنگهه جي طور تي گذرڻ جي اميد آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ايراني، آمريڪي ۽ برطانوي عملدارن سان ويجهي رابطي ۾ آهي ته جيئن انهن ايراني شهرين جي محفوظ اچ وڃ ۽ جلد کان جلد پنهنجي وطن واپسي کي يقيني بڻائي سگهجي.