رياض- 17 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۽ پرتگال سفارتي ۽ خصوصي پاسپورٽ هولڊرز لاءِ ويزا جي شرط سان گڏيل ڇوٽ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيصل بن فرحان ۽ سندس پرتگالي هم منصب پولورينگل، لزبن ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي فريم ورڪ جو حصو آهي ۽ ان جو مقصد سفر ۽ رابطي کي …
سعودي عرب ۽ پرتگال جو سفارتي پاسپورٽ هولڊرز لاءِ ويزا کان ڇوٽ جو معاهدو

مزید خبریں
رياض- 17 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۽ پرتگال سفارتي ۽ خصوصي پاسپورٽ هولڊرز لاءِ ويزا جي شرط سان گڏيل ڇوٽ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيصل بن فرحان ۽ سندس پرتگالي هم منصب پولورينگل، لزبن ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي فريم ورڪ جو حصو آهي ۽ ان جو مقصد سفر ۽ رابطي کي آسان بڻائڻ سان گڏ هم آهنگي کي وڌائڻ آهي. ان کان اڳ سعودي ۽ پرتگالي پرڏيهي وزير باضابطا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ فوجي ڪاروائين جي خاتمي ۽ مستقل معاهدي تائين پهچڻ لاءِ تفصيلي ڳالهين جي شروعات لاءِ معاهدي جي آجيان ڪئي. شهزاده فيصل بن فرحان، فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ، تڪرار جي پرامن حل ۽ ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ سميت علائقائي معاملن جي سهڪار جي حوالي سان پرتگال جي موقف جي ساراهه ڪئي.











