مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل اليڪٽرانڪس جي مضبوط طلب، سنگاپور جي نان آئل روانگي واپار ۾ 38.4 سيڪڙو اضافو

سنگاپور- 17 جون (اي پي پي) مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سان لاڳاپيل اليڪٽرانڪس مصنوعات جي مضبوط طلب سبب سنگاپور جي نان آئل ڊوميسٽڪ ايڪسپورٽس ۾ هلندڙ سال مئي دوران ساليانو بنيادن تي 38.4 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اربع ڏينهن جاري سرڪاري انگ اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اپريل ۾ سنگاپور جي نان آئل روانگي واپار ۾ 24.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو، جڏهن …

سنگاپور- 17 جون (اي پي پي) مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سان لاڳاپيل اليڪٽرانڪس مصنوعات جي مضبوط طلب سبب سنگاپور جي نان آئل ڊوميسٽڪ ايڪسپورٽس ۾ هلندڙ سال مئي دوران ساليانو بنيادن تي 38.4 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اربع ڏينهن جاري سرڪاري انگ اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اپريل ۾ سنگاپور جي نان آئل روانگي واپار ۾ 24.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو، جڏهن ته مئي ۾ ان جي شرح ۾ وڌيڪ تيزي ڏسڻ ۾ آئي. انٽرپرائز سنگاپور جي جاري ڪيل بيان مطابق اليڪٽرانڪس بابت نان آئل روانگي واپار ۾ مئي دوران 94.8 سيڪڙو جو غير معمولي اضافو ٿيو جنهن جو بنيادي سبب مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل مصنوعات جي وڌندڙ طلب آهي. ان کان علاوه غير اليڪٽرانڪ نان آئل روانگي واپار به 17.7 سيڪڙو وڌيو. هلندڙ سال جنوري کان مئي دوران سنگاپور جو مجموعي نان آئل ڊوميسٽڪ روانگي واپار گذريل سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 18.1 سيڪڙو وڌيڪ رهيو. ٻئي پاسي نان آئل ري ايڪسپورٽس ۾ به مئي دوران 33.6 سيڪڙو جو اضافو رڪارد ڪيو ويو جڏهن ته اپريل ۾ اها شرح 29.6 سيڪڙو هئي. ان اضافي ۾ اليڪٽرانڪس ري ايڪسپورٽس اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪو 47.5 سيڪڙو وڌيو جڏهن ته غير اليڪٽرانڪ ري ايڪسپورٽس ۾ 14.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. رپورٽ مطابق مئي ۾ سنگاپور جي مجموعي واپاري سرگرمين ۾ به نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي، جتي مجموعي واپاري ڳاڻيٽو 39.7 سيڪڙو وڌيو، جڏهن ته اپريل ۾ ان جي شرح 33 سيڪڙو هئي. ان عرصي دوران روانگي واپار ۽ آمدني واپار ٻنهي ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.