چين گڏيل قومن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ٻين ملڪن سان سهڪار لاءِ تيار آهي: پرڏيهي وزير وانگ يي

بيجنگ- 17 جون (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته چين ٻين ملڪن سان ملي ڪري گڏيل قومن کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر تي صحيحون ڪندڙ ملڪ طور چين عالمي اداري جي اختيار ۽ وقار کي برقرار رکڻ لاءِ پر عزم آهي ۽ ان مقصد لاءِ گلوبل گورننس انيشي ايٽو کي …

بيجنگ- 17 جون (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته چين ٻين ملڪن سان ملي ڪري گڏيل قومن کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر تي صحيحون ڪندڙ ملڪ طور چين عالمي اداري جي اختيار ۽ وقار کي برقرار رکڻ لاءِ پر عزم آهي ۽ ان مقصد لاءِ گلوبل گورننس انيشي ايٽو کي اڳتي وڌايو پيو وڃي. وانگ يي، جيڪو چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جو ميمبر به آهي، اها ڳالهه هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چئي، جيڪا وڌيڪ منصفاڻي ۽ برابر عالمي حڪمراني، چين جي جي اصول، تجويزن ۽ قدمن جي عنوان سان جاري ڪيل وائيٽ پيپر جي موقعي تي منعقد ڪئي وئي.