اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل تازي مفاهمت ۽ جمعي ڏينهن سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي ٿيندڙ امڪاني صحيحن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هُنن هن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل تازي مفاهمت ۽ جمعي ڏينهن سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي ٿيندڙ امڪاني صحيحن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هُنن هن مهيني جي آخر ۾ ٿيندڙ چئن علائقائي مُلڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي تيارين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطي ۾ رهڻ ۽ اهم معاملن تي ويجهي مُشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.










