چين نئون سيٽلائٽ شي جيان – 31 ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو

بيجنگ-16 جون (اي پي پي) چين، لانگ مارچ بي - 3 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي نئون سيٽلائٽ شي جيان - 31 ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو راڪيٽ مقامي وقت مطابق شام 5 لڳي 45 منٽ تي ڏکڻ اولهه صوبي سيچوان ۾ واقع شي چانگ سيٽلائٽ لانچ سينٽر کان روانو ڪيو ويو. رپورٽ مطابق شي جيان - 31 سيٽلائٽ بنيادي طور تي خلائي ماحول جي نگراني ۽ …

بيجنگ-16 جون (اي پي پي) چين، لانگ مارچ بي – 3 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي نئون سيٽلائٽ شي جيان – 31 ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو راڪيٽ مقامي وقت مطابق شام 5 لڳي 45 منٽ تي ڏکڻ اولهه صوبي سيچوان ۾ واقع شي چانگ سيٽلائٽ لانچ سينٽر کان روانو ڪيو ويو. رپورٽ مطابق شي جيان – 31 سيٽلائٽ بنيادي طور تي خلائي ماحول جي نگراني ۽ ان سان لاڳاپيل معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اهو لانگ مارچ سيريز جي ڪيريئر راڪيٽ جو 651 هون خلائي مشن هو.