سعودي عرب ۾ پورهيتن جي اُس ۾ ڪم ڪرڻ تي ٽن مهينن لاءِ پابندي لاڳو

رياض-16 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پورهيتن جي اُس ۾ ڪم ڪرڻ تي ٽن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي وزارت اعلان ڪيو آهي ته پرائيوٽ سيڪٽر جي سمورن ادارن جي ڪارڪنن لاءِ 15 سيپٽمبر تائين سڌي ريت اُس ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي لاڳو هوندي. نيشنل فار اڪيوپيشنل سيفٽي اينڊ هيلٿ جي سهڪار سان اها پابندي منجهد 12 کان 3 وڳي تائين …

رياض-16 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پورهيتن جي اُس ۾ ڪم ڪرڻ تي ٽن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي وزارت اعلان ڪيو آهي ته پرائيوٽ سيڪٽر جي سمورن ادارن جي ڪارڪنن لاءِ 15 سيپٽمبر تائين سڌي ريت اُس ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي لاڳو هوندي. نيشنل فار اڪيوپيشنل سيفٽي اينڊ هيلٿ جي سهڪار سان اها پابندي منجهد 12 کان 3 وڳي تائين 3 مهينن لاءِ لاڳو رهندي. سرڪاري خابرو اداري مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان فيصلي جو مقصد پرائيوٽ سيڪٽر ۾ ڪارڪنن جي سيفٽي ۽ صحت کي يقيني بڻائڻ ۽ شديد گرمي سان ڳنڍيل اڪيوپيشنل خطرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. وزارت جو چوڻ آهي ته ان پابندي سان گذريل سالن ۾ هاڪاري نتيجا حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته 2025ع ۾ تعميل جي شرح 94 سيڪڙو تائين پهچي وئي. وزارت واپارين تي زور ڏنو ته هو ضابطي مطابق ڪم جي وقت کي منظم ڪن ۽ ڪم جي هنڌ تي ضروري حفاظتي قدم کنيا وڃن. ان قدم ۾ پيئڻ جو پاڻي، ريسٽ ايريا، شيڊڊ ايريا ۽ پورهيتن لاءِ حفاظتي سامان جي فراهمي شامل آهي. واضع رهي ته وزارت افرادي سگهه طرف ملڪي سطح تي مختلف ٽيمون جوڙيون آهن، جيڪي ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهيون آهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ته نٿي ڪئي وڃي.