غزه -16 جون (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۾ هڪ عورت سميت 4 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي صحت واري وزارت جي بيان ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن غزه جي علائقي زوائده ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ فلسطيني عورت شهيد ٿي وئي. بمباري جو ٻيو واقعو نصيرات ۾ پيش آيو جتي هڪ پناهگير ڪيمپ کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي …
اسرائيلي فوج جي غزه ۾ بمباري، عورت سميت 4 فلسطيني شهيد
غزه -16 جون (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۾ هڪ عورت سميت 4 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي صحت واري وزارت جي بيان ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن غزه جي علائقي زوائده ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ فلسطيني عورت شهيد ٿي وئي. بمباري جو ٻيو واقعو نصيرات ۾ پيش آيو جتي هڪ پناهگير ڪيمپ کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فلسطيني شهيد ٿيو. اهڙي طرح اسرائيلي فوج غزه شهر ۾ هڪ عمارت تي هوائي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ فلسطين جي طبي عملي جو هڪ ڪارڪن ۽ سندس پٽ شهيد ٿي ويا. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ جاري ڪيل انگن اکرن مطابق اسرائيلي فوج هن وقت تائين غزه ۾ 73000 فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي جن ۾ وڏو تعداد عورتن ۽ ٻارن جو آهي.











