رياض-16 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۾ نئين هجري سال جي شروعات تي غلاف ڪعبه تبديل ڪيو ويو آهي. غلاف ڪعبه جي تبديلي لاءِ تياريون سومر جي شام کان شروع ٿيون ۽ اڱاري جي صبح ڪسوه جي تبديلي جو عمل مڪمل ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪسوه فيڪٽري سبب غلاف ڪعبه ڪانوائي جي صورت ۾ منتقل ڪيو ويو، سڄي دنيا جا مسلمان نئين هجري سال جي شروعات سان ان …
سعودي عرب ۾ نئين هجري سال جي شروعات تي غلاف ڪعبه تبديل ڪيو ويو
رياض-16 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۾ نئين هجري سال جي شروعات تي غلاف ڪعبه تبديل ڪيو ويو آهي. غلاف ڪعبه جي تبديلي لاءِ تياريون سومر جي شام کان شروع ٿيون ۽ اڱاري جي صبح ڪسوه جي تبديلي جو عمل مڪمل ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪسوه فيڪٽري سبب غلاف ڪعبه ڪانوائي جي صورت ۾ منتقل ڪيو ويو، سڄي دنيا جا مسلمان نئين هجري سال جي شروعات سان ان روح پرور منظر جا منتظر هوندا آهن، جيڪي سال ۾ رڳو هڪ ڀيرو ئي ڏسڻ لاءِ ملي ٿو .سعودي ماهر پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪندي مقدس ۽ اهم ذميواري انجام ڏين ٿا، جيڪي خانه ڪعبه جي تقدس ۽ ان مقام جي عظمت جي متقاضي آهي. ڪسوه جي تبديلي جي عمل جي شروعات پراڻي غلاف کي لاهڻ سان ڪيو ويندو آهي. سڀ کان پهرين سون جي تارن سان برٿ ڪيل قرآني آيتون انتهائي مهارت ۽ احتياط سان لاٿيون وينديون آهن، ان کان پوءِ خانه ڪعبه جي دروازي جو پردو جنهن جي اوچائي 6.35 ميٽر ۽ ويڪر 3.33 ميٽر آهي، کي لاٿو ويندو آهي. غلاف جي تبديلي جو عمل هڪ مربوط نظام ۽ فني مهارتن کي نظر ۾ رکندي شروع ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ غلاف جي مختلف رُخن جي حصن کي ڪعبي جي ڇِت تي کڻي وڃڻ ۽ هيٺ آڻڻ جو عمل شانل هوندو آهي. ڪنگ عبدالعزيز ڪمپليڪس موجب ڪعبته الله جي غلاف يعني ڪسوه جي تياري لاءِ 825 ڪلو گرام خام ريشم 120 ڪلو گرام چاندي جي تار جنهن تي سون جو پاڻي چڙهيل هوندو آهي، 60 ڪلو گرام خالص چاندي ۽ 410 ڪلو گرام خام ڪپهه استعمال ٿيندي آهي، 150 سعودي ڪاريگرن ۽ هنرمندن 11 مهينن جي محنت سان ڪاري ريشم جا 47 خوبصورت ٽڪڙا تيار ڪيا، جن تي قرآن پاڪ جون 30 آيتون چاندي جي ڌاڳي سان بڻايون ويون، ان ڌاڳي تي 24 قيراط سون جي تهه چاڙهي وئي هئي، غلاف ڪعبه جو وزن 1410 ڪلوگرام هوندو آهي.











