گڏيل قومون-16 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اڱاري ڏينهن منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ افغان اڳواڻن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عورتن خلاف پنهنجي سخت پابندين کي فوري طور تي واپس ڪري ۽ افعانستان اندر سرگرم ان شدت پسندگروهن خلاف ڪاروائي ڪن، جن تي پاڪستان سرحد پار حملا ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي سفير فوڪونگ جن ان قرارداد …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران افغانستان کان عورتن تي لاڳو ڪيل پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو
گڏيل قومون-16 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اڱاري ڏينهن منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ افغان اڳواڻن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عورتن خلاف پنهنجي سخت پابندين کي فوري طور تي واپس ڪري ۽ افعانستان اندر سرگرم ان شدت پسندگروهن خلاف ڪاروائي ڪن، جن تي پاڪستان سرحد پار حملا ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي سفير فوڪونگ جن ان قرارداد جي سرپرستي ڪئي ۽ چيو ته اميد آهي ته افغان حڪومت انساني حقن خاص ڪري عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ فعال قدم کڻندي ۽ شوليت ۽ ذميواري جو هڪ مثبت رخ دنيا جي سامهون پيش ڪندي. اها قرارداد افغانستان ۾ گڏيل قومن جي سياسي مشن جو مدو 17 جون 2027ع تائين وڌائي ٿي ۽ ان کي اهو اختيار ڏئي ٿي ته هو انساني امداد جي فراهمي ۾ مدد ڪري ۽ قومي مقامي سطح تي اهڙي حڪمراني کي هٿي ڏئي جنهن ۾ جنس، مذهب يا نسل جي بنياد تي ڪو به فرق نه هجي، جنهن ۾ عورتون، اقليتون، نوجوان ۽ معزور ماڻهن جي مڪمل برابري، موثر محفوظ شرڪت يقيني بنائي وڃي. ان قرارداد جي منظوري اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن هلندڙ مهيني هرات ۾ 30 عورتن کي طالبان جي سخت لباس ضابطي جي خلاف ورزي تي گرفتار ڪيو ويو هو، انهن گرفتارين خلاف ٿيندڙ احتجاج کي طالبان پوليس پرتشدد طريقي سان منتشر ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي مشن موجب پوليس جي فائرنگ سان هڪ شخص فوت ٿيو آهي ۽ ٻيا زخمي ٿي آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته اها قرارداد افغانستان ۾ دهشت گرد گروهن جي موجودگي تي سلامتي ڪائونسل جي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿي، جيڪا عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻيل آهن.











