چين پاران آمريڪا ايران معاهدي جي آجيان، پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي ساراهه

بيجنگ - 15 جون (اي پي پي) چين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پهرين مرحلي جي مفاهمتي يادداشت تي متن تي اتفاق راءِ جي آجيان ڪندي ڳالهين ۾ سهولتڪاري لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان معمول جي پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چين هن اڳڀرائي کي مثبت نظر سان ڏسي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته ٻنهي ملڪن وچ …

بيجنگ – 15 جون (اي پي پي) چين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پهرين مرحلي جي مفاهمتي يادداشت تي متن تي اتفاق راءِ جي آجيان ڪندي ڳالهين ۾ سهولتڪاري لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان معمول جي پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چين هن اڳڀرائي کي مثبت نظر سان ڏسي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل شيڊيول موجب پهرين مرحلي جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪندا. ترجمان چيو ته چين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پهرين مرحلي جي مفاهمتي يادداشت جي متن تي ٿيل اتفاق راءِ جي آجيان ڪري ٿو ۽ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهي ٿو.

مزید خبریں