ليفٽيننٽ جنرل ڌيرج سيٺ ڀارتي فوج جو ايندڙ سربراه مقرر ٿي ويو

نئين دهلي-14 جون (اي پي پي) ليفٽيننٽ جنرل ڌيرج سيٺ کي ڀارتي فوج جو ايندڙ سربراه مقرر ڪيو  ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب دفاع واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل ڌيرج سيٺ جيڪو هن وقت ڀارتي فوج جي نائب سربراه طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي،30جون تي جنرل اوپيندردويدي جي رٽائر ٿيڻ تي اعليٰ عهدي جي چارج سنڀاليندو. سينيئر آفيسر  ڊسمبر 1986 آرمرڊ ڪور ۾ ڪميشن ڏنو  …

نئين دهلي-14 جون (اي پي پي) ليفٽيننٽ جنرل ڌيرج سيٺ کي ڀارتي فوج جو ايندڙ سربراه مقرر ڪيو  ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب دفاع واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل ڌيرج سيٺ جيڪو هن وقت ڀارتي فوج جي نائب سربراه طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي،30جون تي جنرل اوپيندردويدي جي رٽائر ٿيڻ تي اعليٰ عهدي جي چارج سنڀاليندو. سينيئر آفيسر  ڊسمبر 1986 آرمرڊ ڪور ۾ ڪميشن ڏنو  هو. هو سائوٿ ويسٽرن ڪمانڊر ۽ سدرن ڪمانڊر رهي چڪو آهي.