ڪينيڊا ۾  16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا تي پابندي، اي آئي چيٽ بوٽس جي ضابطي لاءِ قانون متعارف

اوٽاوا-11 جون (اي پي پي ) ڪينيڊا جي حڪومت نئون ڊجيٽل سيفٽي بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو آهي جنهن تحت 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جو سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي لاڳو ڪري سگهجي ٿي اهڙن پليت فارمن کي ڇوٽ ڏئي سگهجي ٿي جيڪي مخصوص حفاظتي معيار تي پورو لهن . پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جوسڃاڻپ ۽ ثقافت جو وزير مارڪ ملر گذريل ڏينهن ٻڌايو ته ان بل …

اوٽاوا-11 جون (اي پي پي ) ڪينيڊا جي حڪومت نئون ڊجيٽل سيفٽي بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو آهي جنهن تحت 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جو سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي لاڳو ڪري سگهجي ٿي اهڙن پليت فارمن کي ڇوٽ ڏئي سگهجي ٿي جيڪي مخصوص حفاظتي معيار تي پورو لهن . پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جوسڃاڻپ ۽ ثقافت جو وزير مارڪ ملر گذريل ڏينهن ٻڌايو ته ان بل جو مقصد مصنوعي ذهانت (اي آئي ) چيٽ بوٽس کي به وڌيڪ محفوظ بنائڻ آهي ان لاءِ هڪ ڊيجيٽل ريگوليٽر قائم  ڪيو ويندو جيڪو حفاطتي معيار طئي ڪندو، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ ڪمپنين کي ان جي عالمي آمدني جي ٽي سيڪڙو يا هڪ ڪروڙ ڪينيڊين ڊالر ( 72 لک آمريڪي ڊالر ) تائين ڏنڊ ڪري سگهجي ٿو .هن چيو ته سوشل ميديا پليٽ فارمز ۽ اي آئي چيٽ بوٽس صارفين جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي جيڪا ٻارن جي صحت مند واڌ ويجهه ۾ مددگار ناهي، گهڻا نوجوان ڪينيڊينز لاءِ بي چيني ، اڪيلائپ ڊپريشن ۽ ٻين ذهني صحت جي مسئلن جو سبب بڻجي چڪا آهن، اهو بل ان وقت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ويجهڙ ۾ ڪينيڊا ۾ بدترين اجتماعي فائرنگ سبب متاثر خاندان اوپن اي آئي خلاف ڪيس درج ڪيو ڪيس ۾ الزام هنيو ويو آهي ته ڪمپني کي مبينه حملو ڪندڙ جي منصوبي جو علم هيو پر ان پوليس کي آگاهه ناهي ڪيو. حڪومتي اڳواڻن ٽيڪنيڪل بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ان بل کي قانون بڻجڻ ۾ هڪ سال لڳي سگهي ٿو جڏهن ته منظوري کانپوءِ ڊجيٽل ريگوليٽر جي قيام ۾ وڌيڪ 18 مهينا لڳي سگهن ٿا، گوگل جيڪو يو ٽيوب جو مالڪ آهي هن چيو آهي ته حڪومت ان ملي ڪري سمورن پليٽ فارمز لاءِ بهتر حفاظتي معيارات قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جئين والدين پنهنجي ٻارن لاءِ محفوظ آن لائن تجربا چونڊ ڪري سگهن . اهڙي طرح ميٽا جيڪو فيس بڪ ۽ انسٽا گرام جو مالڪ آهي هن چيو آهي ته هو ڊجيٽل سيفٽيايڪٽ جي تفصيل جو جائزو وٺي رهي آهي.

مزید خبریں