گڏيل قومن طرفان يمن ۾ حوثين جي حراست هيٺ عملي کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو

گڏيل قومون _ 11 جون (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري انتونيوگوتريش يمن ۾ حوثي گروپ طرفان گڏيل قومن ۽ ٻين ادارن جي عملي جي مسلسل حراست جي مذمت ڪندي کين فوري ۽ غير مشروط آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق جاري بيان ۾ چيو آهي ته حوثين طرفان گڏيل قومن ، غير سرڪاري تنظيمن ، سول سوسائٽي ۽ …

گڏيل قومون _ 11 جون (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري انتونيوگوتريش يمن ۾ حوثي گروپ طرفان گڏيل قومن ۽ ٻين ادارن جي عملي جي مسلسل حراست جي مذمت ڪندي کين فوري ۽ غير مشروط آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق جاري بيان ۾ چيو آهي ته حوثين طرفان گڏيل قومن ، غير سرڪاري تنظيمن ، سول سوسائٽي ۽ سفارتي مشنز سان لاڳاپيل ماڻهن جي گرفتارين کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن ، جڏهن ته اڃان به گڏيل قومن جا 73 اهلڪار حراست ۾ آهن . بيان مطابق حراست هيٺ هڪ گڏيل قومن جو اهلڪار قيد دوران فوت ٿي چڪو آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي ٻاهرين دنيا کان مڪمل طور تي الڳ رکيو ويو آهي ۽ سندن ڪٽنب يا لاڳاپيل ادارن کي انهن تائين رسائي حاصل ناهي . گڏيل قومن چيو آهي ته اهي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن . جنهن سبب متاثر ماڻهن جا خاندان شديد ذهني اذيت جو شڪار آهن .سيڪريٽري جنرل زور ڀريندي چيو ته حراست هيٺ اهلڪارن جي آزادي ۽ يمن ۾ انساني ۽ ترقياتي سرگرمين جي بحالي لاءِ حوثي قيادت سان ڳالهيون ۽ رابطا جاري رکڻ ضروري آهن . هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن  پنهنجي عملي جي محفوظ ۽ فوري آزادي لاءِ سمورا ممڪن ذريعا استعمال ۾ آڻيندي رهندي . بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گڏيل قومون يمن جي عوام جي حمايت ۽ ملڪ جي منصفاڻي ۽ پائيدار امن جي قيام جي عزم تي قائم آهي.

مزید خبریں