نار فارس ۾ محدود جنگ بندي کي مڪمل جنگ بندي ۾ تبديل ڪرڻو پوندو: گڏيل قومون

گڏيل قومون _11 جون (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته نار فارس جي خطي ۾ جري محدود جنگ بندي کي مڪمل ۽ پائيدار جنگ بندي ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ، ڇو ته خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جا اثر سموري دنيا تي پئجي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق وچ اوڀر ۾ سياسي حل کي هٿي ڏيڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاسن …

گڏيل قومون _11 جون (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته نار فارس جي خطي ۾ جري محدود جنگ بندي کي مڪمل ۽ پائيدار جنگ بندي ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ، ڇو ته خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جا اثر سموري دنيا تي پئجي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق وچ اوڀر ۾ سياسي حل کي هٿي ڏيڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاسن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نار خطي جي ڪيترن ملڪن ۾ شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب توانائي جي قيمتن ۾ اضافو، عالمي سپلائي ۾ رڪاوٽون، ڀاڻ جي وڌندڙ لاڳت ، غذائي عدم تحفظ ۽ مهانگائي ۾ اضافوڏسڻ ۾ آيو آهي. هن خبردار ڪيو ته بهترين امڪاني صورتحال ۾ به بحران  جو اثر ڪيترن مهينن تائين محسوس ڪيو ويو. جڏهن ته اسرندڙ ملڪ ان جو سڀ کان وڌيڪ بار برداشت ڪندا. گڏيل قومن جي سربراهه زور ڀريندي چيو ته دنيا کي مڪمل جنگ بندي ڏسڻ جي ضرورت آهي جنهن تحت عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق سامُونڊي چُرپر جي آزادي بحال ڪئي وڃي ۽ ايٽمي معاملن تي سنجيده ڳالهيون ڪيون وڃن ته جيئن ايران جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور تي امن مقصد تائين محدود رهي. هن واضح ڪيو ته گڏيل قومون تڪرار جي پرامن حل ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پنهنجو سفارتي ۽ فني سهڪار جاري رکي.

مزید خبریں