هانگ ڪانگ- 10 جون (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي آڪلينڊ ٻيٽ ويجهو اربع ڏينهن 6.0 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيامطابق آمريڪي جيولوجيڪل سروي ٻڌايو ته زلزلو گرين وچ ۾ آيو. زلزلي جو مرڪز شروعاتي طورتي 49.65 درجا عرض البلد ۽ 164.09 درجا اوڀر طول البلد تي هو. جڏهن ته ان جي اونهائي زمين اندر اٽڪل 9.5 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. اڃان تائين زلزلي جي نتيجي ۾ …
نيوزيلينڊ جي آڪلينڊ ٻيٽ ويجهو 6.0 شدت جي زلزلي جا لوڏا
هانگ ڪانگ- 10 جون (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي آڪلينڊ ٻيٽ ويجهو اربع ڏينهن 6.0 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيامطابق آمريڪي جيولوجيڪل سروي ٻڌايو ته زلزلو گرين وچ ۾ آيو. زلزلي جو مرڪز شروعاتي طورتي 49.65 درجا عرض البلد ۽ 164.09 درجا اوڀر طول البلد تي هو. جڏهن ته ان جي اونهائي زمين اندر اٽڪل 9.5 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. اڃان تائين زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو.












