پاڻ خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين تي هٿ هٿ تي رکي نه ويهنداسين، ضرورت پوڻ تي دفاع ۾ ڪنهن به حملي جو جواب ڏينداسين: پاڪستاني نمائندي جو سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب

گڏيل قومون- 09 جون (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻيا دهشتگرد گروهه افغان سر زمين تان ڇوٽ ملڻ تي ڪارروائيون رکيو پيا اچن. هن خبردار ڪيو ته ضرورت پوڻ تي پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ڪنهن به حملي جو جواب ڏيندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي …

گڏيل قومون- 09 جون (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻيا دهشتگرد گروهه افغان سر زمين تان ڇوٽ ملڻ تي ڪارروائيون رکيو پيا اچن. هن خبردار ڪيو ته ضرورت پوڻ تي پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ڪنهن به حملي جو جواب ڏيندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي بگڙجندڙ صورتحال تي بحث دوران چيو ته پاڻ خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين تي اسان هٿ هٿ تي رکي نه ويهنداسين، هن چيو ته پاڪستان خلاف دهشتگرد حملن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جن مان ڪيترن ئي حملن جي افغانستان ۾ منصوبابندي ڪئي وئي هئي ۽ اهي حملا پرڏيهي هٿياربند فوج جي پٺيان رهجي ويل هٿيارن جي سان ڪيا ويا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي ته طالبان دهشتگرد گروهن کي محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪندڙ پنهنجي پراڻن حرڪتن تي واپس اچي ويا آهن ۽ هنن معاملن کي خراب ڪرڻ وارن ۽ افراتفري کي هوا ڏيڻ واري هڪ ٻئي ملڪ جي حمايت سان اهڙين سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جي خطرناڪ رستي جي چونڊ ڪئي هئي. جيڪو پاڪستان خلاف پراڪسي جنگ ڪرڻ لاءِ هڪ موقعي پرست طور تيزي سان اڳيان وڌيو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان ان صورتحال باوجود ڳالهين لاءِ تيار آهي پر جيڪڏهن ڪو به اسان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو ته پاڪستان ان خلاف پنهنجو دفاع ڪندو. هن چيو ته طالبان کي تڪرار جي دوستاڻي حل جو مشورو ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي سفارتي ڪوششون ڪيون ويون، جنهن لاءِ پاڪستان قطر، ترڪيه، سعودي عرب ۽ تازو ئي چين جو ٿورو ادا ڪري ٿو. ان باوجود طالبان جي مسلسل هٺ ڌرمي ۽ ايتري تائين ته ٽي ٽي پي ۽ بلوچستان لبريشن آرمي جهڙن دهشتگرد گروپن جي سرعام مذمت ۽ مذمت ڪرڻ کان انڪار به انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. هي انهن گروپن لاءِ سندن ملي ڀڳت ۽ فعال حمايت جا ڪافي ثبوت آهن. هن پاڪتان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پنهنجي دفاع ۾ ضرورت پوڻ تي ۽ هميشه عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون موجب جواب ڏيندو. پاڪستاني نمائندي چيو ته نه ته سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ ۾ افغانستان اندر ننڍن ۽ هلڪن هٿيارن جي موجودگي جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي افغانستان جي غيرقانوني معيشت تي مناسب روشني وڌي وئي آهي، جنهن ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي نيٽ ورڪس جي پيچيده ڄار هنڊي ۽ حواله نيٽ ورڪس شامل آهن. ان بدران رپورٽ ۾ پرڏيهي حرڪتن کي آڙ بڻائي الزام لڳائڻ جو سهارو ورتو ويو آهي. رپورٽ ۾ طالبان جي پاليسين جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو، جن افغانستان کي تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. اسان ان حقيقت کي نظر انداز نٿا ڪرڻ چاهيون ته هي طالبان جي لاپرواهه حڪمراني ۽ انتهاپسندي، ڏاڍ ۽ بنياد پرستي جا ناقص نظريا آهن. جن جي ڪري اڄ افغانستان کي اهي آفتون درپيش آهن. هن اهو به واضح ڪيو ته پاڪ افغان سرحد جي بندش سان انساني امداد جي چر پر متاثر ناهي ٿي جڏهن ته پاڪستان انساني همدردي تحت افغانستان موڪليل سامان ۽ مواد جي گذرڻ جي پروسيسنگ ۽ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، افغانستان جي طالبان حڪومت سرحد کي پنهنجي طرفان بند رکيو آهي. افغانستان ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي سندن بنيادي انساني حقن ۽ وقار کان محروم رکيو پيو وڃي. هن نشاندهي ڪئي ته افغان عوام انهن غير انساني پابندين، ڏاڍ ۽ خودغرض روين هٿان يرغمال بڻيل آهي. چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستان ناڪافي عالمي حمايت باوجود لکين افغان مهاجرن جي آجيان ڪئي، غيرقانوني افغانن جي وڏن ڪيسن کي منهن ڏنو، جن ۾ بنا دستاويزن جي افغان رهواسي به شامل آهن، جيڪي اسان جي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن. پاڪستاني نمائندي گڏيل قومن جي سربراهه تي زور ڀريو ته هو افغانين جي ٻين ملڪن ۾ آبادڪاري جي معاملن جو شفاف انداز ۾ خاڪو پيش ڪري. پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي کي درپيش خطرا برداشت نه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۽افغانستان جاگرافيائي، گهرن رشتن، صديون پراڻي تهذيبي رابطن ۽ عقيدي، ثقافت ۽ نسل جي ڀائراڻن رشتن سان ٻڌل آهن. هن چيو ته طالبان کان پاڪستان جو مطالبو سادو ۽ واضح آهي جيڪو دهشتگردن خلاف قابل تصديق ۽ ناقابل واپسي ڪارروائي آهي. اسان اميد ڪيون ٿا ته طالبان ان ڳالهه کي سنجيدگي سان سمجهن ۽ افغانستان ۾ ڊگهي عرصي کان امن، ترقي ۽ سڀ کان وڌي ڪري سمورن افغانين جي بهترين مفاد ۾ عالمي برادري سان تعاون ڪندا. ان کان اڳ افغانستان لاءِ نائب خصوصي نمائندي ۽ يو اين اي ايم اي جي آفيسر انچارج جارجٽ گينن چيو ته 2023ع کان هن وقت تائين اٽڪل 5.9 ملين افغان شهري وطن واپس اچي چڪا آهن. افغانستان ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي جي عمر 25 سال کان گهٽ آهي ۽ نوجوانن لاءِ محدود روزگار جا امڪان، گهريلو آمدني ۾ گهٽتائي ۽ ماحولياتي مسئلا ملڪي معيشت کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هڪ اندازي موجب 7 کان 18 سال جي عمر جون 3.8 ملين نينگريون اسڪول ناهن وينديون. اهڙي طرح نوجوان نسل هنر ۽ صلاحيت کان سواءِ اڀري رهيو آهي. جنهن سان افغانستان جي اقتادي ترقي کي نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته سرحد جي مسلسل بندش ۽ سيڪيورٽي جي واقعن سبب افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا آهن جڏهن ته دوحه ڳالهين ۾ شرڪت ڪندڙن کي لازمي طور ڳالهيون جاري رکڻ گهرجن.

مزید خبریں