اسرائيل سان عدم جارحيت جو معاهدو چاهيون ٿا: لبناني صدر

بيروت- 09 جون (اي پي پي) لبنان جي صدر جوزف عون چيو آهي ته هو جنگ جي خاتمي جو معاهدو طئي ٿيڻ کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات نه ڪندو ۽ اسان عدم جارحيت يا سلامتي جو معاهدو چاهيون ٿا ڇو ته ان کانسواءِ ڪو معاهدو جامع امن معاهدو نه هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سي اين اين کي انٽرويو ۾ اسرائيلي حڪومت ۽ عوام کي اپيل ڪندي …

بيروت- 09 جون (اي پي پي) لبنان جي صدر جوزف عون چيو آهي ته هو جنگ جي خاتمي جو معاهدو طئي ٿيڻ کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات نه ڪندو ۽ اسان عدم جارحيت يا سلامتي جو معاهدو چاهيون ٿا ڇو ته ان کانسواءِ ڪو معاهدو جامع امن معاهدو نه هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سي اين اين کي انٽرويو ۾ اسرائيلي حڪومت ۽ عوام کي اپيل ڪندي چيو ته تڪرار جو فوجي حل توهان کي ۽ اتر جي شهرين کي تحفظ ۽ امن فراهم نه ڪندو. جوزف عون چيوته اسان تيار آهيون ۽ پر عزم آهيون ۽ جيڪڏهن توهان به تيار آهيو ته اچو ته ويهي ڳالهيون ڪيون. جيڪڏهن توهان جي امن سان رهڻ جي خواهش ناهي، ته اسان امن امان سان نه رهي سگهنداسين. لبنان ۽ اسرائيل ڳالهين جو دور 14 اپريل تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ۾ شروع ٿيو هو جيڪو هلندڙ مهيني جي 22 تاريخ تي ٻيهر شروع ٿيڻ وارو آهي. گذريل هفتي اڱاري ۽ اربع ڏينهن تي ڳالهين جي دور جي خاتمي بعد لبنان جنگ بندي جي لاڳو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. جنگ بندي جو دارومدار حزب الله طرفان فائرنگ جي مڪمل خاتمي ۽ ڏکڻ علائقي کان حزب الله جي سمورن ميمبرن جي واپسي تي آهي، ان کان اڳ بيروت ۾ آمريڪي سفير سومر ڏينهن لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ جي توثيق ڪندي چيو هو ته لبنانين جي تڪليف کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي حاصل ڪرڻ مددگارآهي. لبناني صدر جوزف عون سان ملاقات بعد ميشال عيسيٰ چيو ته اسان لبنان – آمريڪا اسرائيلي ڳالهين جي عمل ۽ لبنان ۾ موجود صورتحال جي خاتمي جي حوالي سان ان ۾ شامل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ڳالهيون واشنگٽن ۾ ٻيهر شروع ٿيڻ واريون آهن ۽ منهنجي لاءِ لبناني ڳالهين جي ٽيم جي تعريف ڪرڻ اهم ۽ انتهائي پيشيوراڻي مهارت رکي ٿي ۽ ٽيم جا ميمبر لبناني موقف تي واضع ۽ کليل ڳالهيون ڪن ٿا. آمريڪي سفير وڌيڪ چيو ته ڳالهين ۾ وقت لڳي سگهي ٿو ڇو ته اها توقع نٿي ڪري سگهجي ته سمورا مسئلا هڪ ئي ملاقات ۾ حل ٿي ويندا. انهن ڳالهين جو تسلسل لبنان ۽ خطي جي عمومي عمل تي مثبت اثر وجهي رهيو آهي. واضع رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ئي اسرائيل ۽ ايران به هڪ ٻئي تي حملا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.