پيانگ يانگ- 08 جون (اي پي پي) چين جو صدر شي جن پنگ سومر ڏينهن اتر ڪوريا جي سرڪاري دوري تي پيانگ يانگ پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اتر ڪوريا ورڪرز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ رياستي معاملن جي صدر ڪم جونگ اِن ۽ سندس زال ري سول هوائي اڏي تي شي جن پنگ ۽ سندس زال پنگ لي يوان جي آجيان ڪئي. جهاز مان لهڻ بعد ڪم جونگ اِن، …
چين جو صدر اتر ڪوريا جي دوري تي پيانگ يانگ پهچي ويو

مزید خبریں
پيانگ يانگ- 08 جون (اي پي پي) چين جو صدر شي جن پنگ سومر ڏينهن اتر ڪوريا جي سرڪاري دوري تي پيانگ يانگ پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اتر ڪوريا ورڪرز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ رياستي معاملن جي صدر ڪم جونگ اِن ۽ سندس زال ري سول هوائي اڏي تي شي جن پنگ ۽ سندس زال پنگ لي يوان جي آجيان ڪئي. جهاز مان لهڻ بعد ڪم جونگ اِن، شي جن پنگ سان هٿ ملايو. پيانگ يانگ پهچڻ کان اڳ اتر ڪوريا جي سرڪاري اخبار روڊونگ سنمن ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون ۾ شي جن پنگ چيو هو ته هو ڪم جونگ اِن سان ملاقات جو منتظر آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ روايتي دوستي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن جي مجموعي ترقي بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي سگهي.











