ويانا- 08 جون (اي پي پي) عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه چرنوبل علائقي ۾ ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙا حملا باهه سان کيڏڻ جي برابر آهن ۽ اهڙا حملا ڪرڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏني وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب آءِ اي اي اي ”ايڪس“ تي هڪ بيان ۾ چيو ته ان کي يوڪرين پاران اطلاع مليو آهي ته …
ايٽمي مواد رکندڙ ٺڪاڻن تي حملا فوري بند ڪيا وڃن. آءِ اي اي اي اڳواڻن جي اپيل

مزید خبریں
ويانا- 08 جون (اي پي پي) عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه چرنوبل علائقي ۾ ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙا حملا باهه سان کيڏڻ جي برابر آهن ۽ اهڙا حملا ڪرڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏني وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب آءِ اي اي اي ”ايڪس“ تي هڪ بيان ۾ چيو ته ان کي يوڪرين پاران اطلاع مليو آهي ته چرنوبل ۾ سينٽرل اسپينٽ فيول اسٽوريج فيسلٽي کي ڊرون حملي جو نشانو بڻايو ويو. ايجنسي مطابق، ان موقعي تي موجود ماهرن تصديق ڪئي آهي ته حملي باوجود، ٺڪاڻن جي چوڌاري تابڪاري جي سطح معمول موجب رهي ۽ ڪو به غير معمولي اطلاع ناهي مليو، حملي جي اثرن جو جائزو ورتو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گيس وصول ڪندڙ عمارت جي هڪ حصي کي سخت نقصان پهتو. ايجنسي جي حفاظتي آفيس کي پڻ نقصان پهتو. آءِ اي اي اي، جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي واقعي کي ”انتهائي پريشان ڪندڙ“ قرار ڏنو ۽ چيو ته اها ايٽمي سيڪيورٽي جي لحاظ کان هڪ ”خطرناڪ صورتحال“ آهي. هن چيو ته وڌيڪ مقدار ۾ ايٽمي مواد رکندڙ ٺڪاڻن تي حملو باهه سان کيڏڻ وانگر آهي ۽ اهو ڪڏهن به نه ٿيڻ گهرجي.











