جڪارتا- 08 جون (اي پي پي) فلپائن ۾ 7.8 شدت جي زلزلي کانپوءِ انڊونيشيا جي اتر اوڀر ساحلي علائقن لاءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. شنہوا مُوجب انڊونيشيا جي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ايجنسي (بي اين پي بي) سومر تي ڏکڻ فلپائن ۾ 7.8 شدت جي زلزلي کانپوءِ سونامي لهرن جي خطري سبب اتر ساحلي علائقن جي رهواسين کي مٿاهين جاين تي منتقل ٿيڻ …
فلپائن ۾ 7.8 شدت جو زلزلو، انڊونيشيا جي اتر اوڀر ساحلي علائقن لاءِ سونامي وارننگ جاري، 5 ڄڻا فوت
جڪارتا- 08 جون (اي پي پي) فلپائن ۾ 7.8 شدت جي زلزلي کانپوءِ انڊونيشيا جي اتر اوڀر ساحلي علائقن لاءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. شنہوا مُوجب انڊونيشيا جي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ايجنسي (بي اين پي بي) سومر تي ڏکڻ فلپائن ۾ 7.8 شدت جي زلزلي کانپوءِ سونامي لهرن جي خطري سبب اتر ساحلي علائقن جي رهواسين کي مٿاهين جاين تي منتقل ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي. بي اين پي بي هڪ بيان ۾ چيو ته اتر انڊونيشيا ۾ ڪيترن ئي ساحلي نگران اسٽيشنن تي سونامي جون معمولي لهرن جو پتو پيو آهي. ايجنسي شديد زلزلي کانپوءِ ايندڙ آفٽر شاڪس کي نظر ۾ رکندي متاثر صوبن اتر سولا ويسي ۽ گورونٽالو ۾ اختيارين تي زور ڏنو آهي ته هو فوري طور تي رهواسين کي خبردار رهڻ، ساحلن کان پري رهڻ ۽ منظم طريقي سان مٿاهين جاين ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هاديت ڪن. فلپائن ۾ ايندڙ طاقتور زلزلي اتر اوڀر انڊونيشيا جي ڪجهه ساحلي علائقن جي رهواسين ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي. زلزلي جا لوڏا مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ محسوس ڪيا ويا، فلپائن جي انسٽيٽيوٽ آف وولڪينولوجي ۽ سيسمولوجي چيو آهي ته سومر جي صبح ڏکڻ فلپائن ۾ 7.8 جي شدت جو زلزلو آيو، جنهن سان فوتين جو انگ پنج ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ انڊونيشيا جي موسمياتي ۽ جيو فزيڪل ايجنسي ملڪ جي اتر اوڀر ساحلي علائقن لاءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي آهي.












