ڏکڻ عراق جي ذي قار صوبي ۾ ناصريه – بصره هاءِ وي تي مسافر بس سان حادثو، 21 زائرين شهيد، 19 زخمي

بغداد- 08 جون (اي پي پي) ڏکڻ عراق جي ذي قار صوبي ۾ ناصريه-بصره هاءِ وي تي مسافر بس اونڌي ٿيڻ سان21 زائرين شهيد جڏهن ته 19 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مُوجب سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن بس مسافرن کي ڪربلا کڻي وڃي رهي هئي ته اونڌي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ بس ۾ باهه لڳي وئي ۽ مڪمل طور تي سڙي وئي. عراقي وزارت …

بغداد- 08 جون (اي پي پي) ڏکڻ عراق جي ذي قار صوبي ۾ ناصريه-بصره هاءِ وي تي مسافر بس اونڌي ٿيڻ سان21 زائرين شهيد جڏهن ته 19 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مُوجب سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن بس مسافرن کي ڪربلا کڻي وڃي رهي هئي ته اونڌي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ بس ۾ باهه لڳي وئي ۽ مڪمل طور تي سڙي وئي. عراقي وزارت صحت چيو ته حادثي ۾ 21 زائرين شهيد ۽ 19 زخمي ٿيا، جن ۾ ايراني زائرين به شامل آهن. وزارت چيو ته ريسڪيو ۽ رليف جون ڪارروايون جاري آهن. ٻئي طرف، طبي ذريعن فارنزڪ ميڊيسن ڊپارٽمينٽ ۾ سڙيل لاش پهچڻ جو اطلاع ڏنو آهي. وزارت صحت هڪ بيان ۾ چيو ته صحت وزير عبدالحسين الموسوي ناصريه ۽ بصره کي ڳنڍيندڙ روڊ تي زائرين جي هڪ وڏي انگ کي کڻي ويندڙ بس جي حادثي جو جائزو ورتو. هن طبي، صحت ۽ ايمبولينس شعبن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ حادثي کي منهن ڏيڻ ۽ زخمين کي ضروري طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سمُورا وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صحت واري وزير لاڳاپيل صحت ڊائريڪٽوريٽ ۽ طبي ادارن کي هدايت ڪئي ته زخمين کي هنگامي علاج ۽ ضروري طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.