نيويارڪ - 07 جون (اي پي پي) آمريڪي رياست اوهائيو جي شهر ٽوليڊو ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 12 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حملو ڪندڙ جي ڳولا جاري آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٽوليڊو پوليس جي ڊپٽي چيف جوءِ هيفر نان ٻڌايو ته ٻن زخمين جي حالت ڳڻي جوڳي آهي. هن ٻڌايو ته شروعاتي ڄاڻ موجب 2 ماڻهو هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري رهيا هئا. پوليس موجب فائرنگ جو واقعو اولڊ …
آمريڪي رياست اوهائيو ۾ فائرنگ 12 ڄڻا زخمي
نيويارڪ – 07 جون (اي پي پي) آمريڪي رياست اوهائيو جي شهر ٽوليڊو ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 12 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حملو ڪندڙ جي ڳولا جاري آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٽوليڊو پوليس جي ڊپٽي چيف جوءِ هيفر نان ٻڌايو ته ٻن زخمين جي حالت ڳڻي جوڳي آهي. هن ٻڌايو ته شروعاتي ڄاڻ موجب 2 ماڻهو هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري رهيا هئا. پوليس موجب فائرنگ جو واقعو اولڊ ويسٽ اينڊ فيسٽيول ويجهو پيش آيو. عملدارن موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شڪي ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن.











