ڀارت، ڄمون ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن کي گمراه ڪرڻ بدران حقيقت جو مطالعو ڪري : پاڪستاني قونصلر

گڏيل قومون- 06 جون(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جي قونصلر گل قيصر سرواني چيو آهي ته ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ولاريل ڄمون ڪشمير جي حقيقت کان انڪار ڪرڻ، ڌيان هٽائڻ ۽ گڏيل قومن کي گمراه ڪرڻ بدران حقيقت جو مطالعو ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سلامتي ڪونسل جي سالياني رپورٽ تي جنرل اسيمبلي ۾ بحث دوران ڀارتي نمائندي جي ريمارڪس جو جواب ڏيندي …

گڏيل قومون- 06 جون(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جي قونصلر گل قيصر سرواني چيو آهي ته ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ولاريل ڄمون ڪشمير جي حقيقت کان انڪار ڪرڻ، ڌيان هٽائڻ ۽ گڏيل قومن کي گمراه ڪرڻ بدران حقيقت جو مطالعو ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سلامتي ڪونسل جي سالياني رپورٽ تي جنرل اسيمبلي ۾ بحث دوران ڀارتي نمائندي جي ريمارڪس جو جواب ڏيندي پاڪستاني قونصلر جنرل گل قيصر سرواني چيو ته ڄمون ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي جيڪو سلامتي ڪونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. هن چيو ته حقيقت کان انڪار ڪرڻ  شڪ پيدا ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ان تڪرار جي تاريخي، قانوني ۽ عالمي حيثيت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڄمون ڪشمير ڪڏهن ڀارت جو حصو هو ۽ نه ئي ٿيندو.