چين ۽ روس عالمي استحڪام کي هٿي وٺائڻ واري گڏيل ذميواري تي عمل ڪري رهيا آهن : چيني نائب صدر

بيجنگ- 06 جون(اي پي پي) چين جي نائب صدر هان زوينگ سنيٽ پيٽرزبرگ ۾ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب نائب صدر هان زوينگ چيو ته  چين ، روس سان ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي اهم اتفاق راءِ تي عملدرآمد، سياسي اعتماد کي مضبوط بڻائڻ، عملي سهڪار کي وڌائڻ، عالمي سهڪار کي ويجهو ڪرڻ ۽ چين-روس لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن …

بيجنگ- 06 جون(اي پي پي) چين جي نائب صدر هان زوينگ سنيٽ پيٽرزبرگ ۾ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب نائب صدر هان زوينگ چيو ته  چين ، روس سان ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي اهم اتفاق راءِ تي عملدرآمد، سياسي اعتماد کي مضبوط بڻائڻ، عملي سهڪار کي وڌائڻ، عالمي سهڪار کي ويجهو ڪرڻ ۽ چين-روس لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته چين ۽ روس ٻئي عالمي اسٽريٽجڪ استحڪام جي تحفظ ۽ عالمي گورننس جي بهتري ۾ اهم تعميري قوتون آهن. چين روس جا اعليٰ سطح جا لاڳاپا نه صرف ٻنهي ملڪن جي ترقي، خوشحالي لاءِ اهم آهن پر عالمي امن استحڪام کي هٿي وٺائڻ واري گڏيل ذميواري پڻ ادا ڪن ٿا. هن چيو ته چين روس سان هم آهنگي ۽ سهڪار وڌائڻ ۽ مناسب عالمي گورننس جي قيام کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهي.