تاشقند- 06 جون(اي پي پي) ازبڪستان پهرين ايٽمي بجلي گهر جي تعميرجي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي لڳ ڀڳ 9.5 بلين ڊالر لاڳت ايندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ازبڪ صدارتي پريس سروس ٻڌايو ته افتتاحي تقريب وڊيو لنڪ ذريعي منعقد ٿي، جنهن ۾ ازبڪستان ۾ واقعي تعميراتي هنڌ کي روس جي شهر سينٽ پيٽر ز برگ سان منسلڪ ڪيو ويو. تقريب دوران ازبڪستان جي صدر شوت مرزيايوف ۽ روس جي صدر …
ازبڪستان ۾ پهرين ايٽمي بجلي گهر جي تعمير شروع

مزید خبریں
تاشقند- 06 جون(اي پي پي) ازبڪستان پهرين ايٽمي بجلي گهر جي تعميرجي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي لڳ ڀڳ 9.5 بلين ڊالر لاڳت ايندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ازبڪ صدارتي پريس سروس ٻڌايو ته افتتاحي تقريب وڊيو لنڪ ذريعي منعقد ٿي، جنهن ۾ ازبڪستان ۾ واقعي تعميراتي هنڌ کي روس جي شهر سينٽ پيٽر ز برگ سان منسلڪ ڪيو ويو. تقريب دوران ازبڪستان جي صدر شوت مرزيايوف ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، گڏيل طور تي بجلي گهر جي پهرين پيداراري يونٽ جي تعمير شروع ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. صدر مرزيايوف چيو ته منصوبو پنهنجي مڪمل پيداواري صلاحيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪندو ۽ توانائي جون وڌندڙ ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.ازبڪ صدارتي ذريعن مطابق ايٽمي بجلي گهر جي تعمير ۽ ان جي انتظامي ۽ فني معاملن جي تياري عالمي ايٽمي توانائي اداري جي مقرر ڪيل معيارن مطابق ڪئي پئي وڃي. ايٽمي توانائي جي اداري اوز اٽوم جي سربراه عظيم احمد خوجايف ٻڌايو ته منصوبي جي شروعاتي لاڳت جو ڪاٿو اٽڪل 9.5 بلين ڊالر لڳايو ويو آهي.











