رياض-05 جون(اي پي پي) سعودي عرب ۽ صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او غزه ۾ بنيادي صحت مرڪزن ۽ اسپتالن ۾ غذائي خدمتن کي مستحڪم ڪرڻ واري ايگزيڪٽو پروگرام تي صحيحون ڪري ڇڏيون. اهو پروگرام فلسطيني عوام جي امداد لاءِ سعودي عوامي مهم جو حصو آهي جنهن جي ذريعي اٽڪل 2 لک 58 هزار 223 ماڻهن کي سڌي ريت ۽ 11 لک 72 هزار 467 ماڻهن کي اڻ سڌي …
سعودي عرب ڊبليو ايڇ او جي غزه جي صحت مرڪزن ۽ اسپتالن ۾ غذائي خدمتن کي مستحڪم ڪرڻ واري پروگرام تي صحيحون ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
رياض-05 جون(اي پي پي) سعودي عرب ۽ صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او غزه ۾ بنيادي صحت مرڪزن ۽ اسپتالن ۾ غذائي خدمتن کي مستحڪم ڪرڻ واري ايگزيڪٽو پروگرام تي صحيحون ڪري ڇڏيون. اهو پروگرام فلسطيني عوام جي امداد لاءِ سعودي عوامي مهم جو حصو آهي جنهن جي ذريعي اٽڪل 2 لک 58 هزار 223 ماڻهن کي سڌي ريت ۽ 11 لک 72 هزار 467 ماڻهن کي اڻ سڌي ريت فائدو حاصل ٿيندو.ميڊيا رپورٽن موجب اهو پروگرام شديد غذائي کوٽ جي معاملن خاص طور تي پيچيدگين وارين بيمارين جو شڪار مريض لاءِ غذائي علاج جي فراهمي ۽ دستيابي ذريعي صحت ۽ غذائيت جي صورتحال کي بهتر بڻائيندو، ان پروگرام ذريعي غذئي کوٽ جو شڪار ماڻهن جي علاج لاءِ هڪ مڪمل ڪٽ خريد ڪري ورهائي ويندي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ غزه پٽي ۾ صحت جي مختلف سهولتن لاءِ ضروري طبي سامان، غذائي سپليمنٽس، وٽامنز ۽ معدنيات فراهم ڪيا ويندا. اهو پروگرام انساني امداد ۽ امدادي منصوبن جي سلسلي جو حصو آهي.











