گڏيل قومون- 04 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي آسٽريا، ڪرغستان، پرتگال، ٽرنيڊا ٽوباگو ۽ زمبابوي کي ٻن سالن جي مدي لاءِ سلامتي ڪونسل جي غير مستقل ميمبرن طور چونڊ ڪئي آهي. ڪرغستان جي چونڊ پهريون ڀيرو ٿي آهي جڏهن ته نوان چونڊيل ميمبر ملڪ ايندڙ سال پهرين جنوري کان خدمتون سرانجام ڏيندا. ايشيا ماٺي سمنڊ جي سيٽ لاءِ ، ڪرغستان ۽ فلپائن وچ ۾ مقابلو ٿيو …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنجن غير مستقل ميمبرن جي چونڊ،آسٽريا، ڪرغستان، پرتگال، ٽرينيڊا ڊاينڊ ٽوگابو ۽ زمبابوي ايندڙ سال پهرين جنوري کان خدمتون سرانجام ڏيندا

مزید خبریں
گڏيل قومون- 04 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي آسٽريا، ڪرغستان، پرتگال، ٽرنيڊا ٽوباگو ۽ زمبابوي کي ٻن سالن جي مدي لاءِ سلامتي ڪونسل جي غير مستقل ميمبرن طور چونڊ ڪئي آهي. ڪرغستان جي چونڊ پهريون ڀيرو ٿي آهي جڏهن ته نوان چونڊيل ميمبر ملڪ ايندڙ سال پهرين جنوري کان خدمتون سرانجام ڏيندا. ايشيا ماٺي سمنڊ جي سيٽ لاءِ ، ڪرغستان ۽ فلپائن وچ ۾ مقابلو ٿيو جيڪو ووٽنگ جي چئن دورن تائين جاري رهيو جنهن کان پوءِ آخرڪار ڪرغستان 142 ووٽ حاصل ڪري چونڊجي ويو جڏهن ته فلپائن کي 49 ووٽ مليا. ڪرغستان پاڪستان جي جاءِ تي ميمبر چونڊيو آهي جڏهن ته پاڪستان جو مدو ڊسمبر 2026ع تي ختم ٿي رهيو آهي. واضح رهي ته سلامتي ڪونسل جا 5 مستقل ۽ وويٽو اختيار ڪندڙ ملڪ برطانيا، چين، فرانس، روس ۽ آمريڪا آهن .










