چين ۾ ٽين عالمي سائنولوجسٽ ڪانفرنس جاري ، چيني تهذيب ۾ سموري دنيا هڪ خاندان آهي: شرڪت ڪندڙ

بيجنگ _4 جون (اي پي پي ) ٽين عالمي سائنولوجسٽ ڪانفرنس چين جي صوبي گانسو جي شهردون هوانگ ۾ جاري آهي ، جنهن ۾ پاڪستان سميت اٽڪل 70 ملڪن جا 300 کان وڌيڪ نمائندا چين ۽ ٻين ملڪن جي تهذيب جي انضمام جهڙن موضوعن تي وسيع خيالن تي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا کان آئيسيائنولوجسٽس مختلف مشاهداتي دورن ۽ تجرباتي سرگرمين ذريعي چين کي سمجهي رهيا …

بيجنگ _4 جون (اي پي پي ) ٽين عالمي سائنولوجسٽ ڪانفرنس چين جي صوبي گانسو جي شهردون هوانگ ۾ جاري آهي ، جنهن ۾ پاڪستان سميت اٽڪل 70 ملڪن جا 300 کان وڌيڪ نمائندا چين ۽ ٻين ملڪن جي تهذيب جي انضمام جهڙن موضوعن تي وسيع خيالن تي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا کان آئيسيائنولوجسٽس مختلف مشاهداتي دورن ۽ تجرباتي سرگرمين ذريعي چين کي سمجهي رهيا آهن. ڪانفرنس ۾ شريڪ مهمانن جو چوڻ آهي ته چيني تهذيب ” سموري دنيا هڪ خاندان آهي “ ۽ هم آهنگي ۽ اتحاد سان گڏ گڏيل بقا “ جهڙي حڪمت عملي ۽ موجوده عالمي چيلنجز کي  منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اهم مثال فراهم ڪري ٿي . سي پي سي جي عالمي رابطه ڪميٽي جي لاڳاپيل ذميوارن جو چوڻ آهي ته  موجوده دور ۾ عالمي تهذيبن وچ ۾ ڪجهه رڪاوٽون ڪڏهن  ڪڏهن نظر اينديون آهن پر چين سمورين ڌرين سان  گڏجي چيني ۽ عالمي تهذيبن جي دانشمندن کي گڏ ڪري ۽ گڏيل چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار جو رستو ڳولڻ لاءَ تيار آهي.

مزید خبریں