نيشنل ٽيرف ڪميشن جي فعال ۽ شفاف ڪارڪردگي ملڪي صنعت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ لازمي آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار تي ٻڌل ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي فعال ۽ شفاف ڪارڪردگي ملڪي صنعت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ معيشت جي مجموعي ترقي ۽ ان حوالي …

اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار تي ٻڌل ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي فعال ۽ شفاف ڪارڪردگي ملڪي صنعت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ معيشت جي مجموعي ترقي ۽ ان حوالي سان نيشنل ٽيرف پاليسي 30 – 2025ع جي لاڳو تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل ٽيرف پاليسي 30 – 2025ع جي لاڳو جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ٽيرف پاليسي 30 – 2025ع تحت مختلف شعبن جي لاءِ ٽيرف ۾ مرحليوار گهٽتائي ڪئي ويندي جنهن جو مقصد روانگي واپار تي ٻڌل اقتصادي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ آهي، لاجسٽڪ جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ ريفرز ڪنٽينرز ۽ سيمي ٽريلرز تي لاڳو ڊيوٽيز جو خاتمو ڪيو ويندو، تعميراتي شعبي جي فروغ جي حوالي سان اسپيشلائيزڊ وهيڪلز ۽ مشينري تي ڪسٽمز ڊيوٽيز گهٽ ڪئي پئي وڃي، فارماسيوٽيڪل سيڪٽر کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ خام مال خاص طور تي ڪينسر جي دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي فعال ۽ شفاف ڪارڪردگي ملڪي صنعت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ لازمي آهي، سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن جي سهولت لاءِ نيشنل ٽيرف ڪميشن پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ لاڳو بهترين طريقن ۽ جديد ٽيڪنالاجي بشمول انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي ڪميشن ۾ جدت آندي وڃي.

مزید خبریں