توانائيءَ واري وفاقي وزير جي بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين کي خراب ڪارڪردگي رکندڙ فيلڊ آفيسرن خلاف اصلاحي ڪارروائيءَ جي هدايت

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ملڪ جي سمورن بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي حدن ۾ خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سب ڊويزنل آفيسرن ۽ ايڪسيئنز خلاف فوري اصلاحي ڪارروائيءَ جي شروعات ڪن. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير جي هدايت تي فوري عمل درآمد ڪندي پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) ۽ سکر اليڪٽرڪ پاور …

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ملڪ جي سمورن بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي حدن ۾ خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سب ڊويزنل آفيسرن ۽ ايڪسيئنز خلاف فوري اصلاحي ڪارروائيءَ جي شروعات ڪن. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير جي هدايت تي فوري عمل درآمد ڪندي پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) ۽ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) شروعات ڪئي آهي. ٻنهي ڪمپنين قومي 118 ڪال سينٽر سسٽم تي داخل صارفين جي شڪايتن جي ازالي ۾ ناڪامي ۽ غفلت ڪرڻ تي پنهنجي خراب ڪارڪردگي رکندڙ آفيسرن کي معطل ڪندي انهن خلاف کاتيوار ڪارراوئي شروع ڪري ڇڏي آهي. ملڪ جي ٻين ورڇيندڙ ڪمپنين به پنهنجي پنهنجي دائره اختيار ۾ اهڙن ئي نااهل آفيسرن خلاف اصلاحي قدمن جي عمل کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير جا اهي حڪم ڪسٽمر ڪمپلينٽ مئنجمينٽ سسٽم يعني پاڪستان جي قومي 118 ڪال سينٽر مان حاصل ڪيل ڊيٽا جي جامع ۽ ذاتي جائزي کانپوءِ جاري ڪيا ويا. اها ڊيٽا پهرين آڪٽوبر 2025ع کان 31 مارچ 2026ع تائين جي مدي تي ٻَڌل آهي. لوڊشيڊنگ، وولٽيج جي گهٽ وڌ، لائن فالٽس ۽ ٽرانسفارمر ٽرپنگ جهڙين شڪايتن جي ان رڪارڊ مان آفيسرن جي ڪوتاهي کي انتهائي ڳڻتي جوڳو رجحان سامهون آيو. جائزي دوران اهو ڏٺو ويو ته صارفين جون هزارين شڪايتون يا ته مقرر وقت کانپوءِ حل ڪيون ويون يا کين بلڪل ئي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ شهري ۽ ٻهراڙي علائقن جي عوام کي ڊگهي عرصي تائين بجلي جي بندش جو عذاب برداشت ڪرڻو پيو. پاور ڊويزن شڪايتن جي ازالي ۾ سڀ کان وڌيڪ دير ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪندي فهرستون تيار ڪيون ۽ فوري کاتيوار ڪارروائي لاءِ کين سمورن ڊسڪوز جي چيف ايگزيڪيوٽو کي اُماڻي ڇڏيون. سردار اويس احمد خان لغاري صارفين جي شڪايتن جو وقت سر ازالو ڪرڻ جهڙن بنيادي فرضن ۾ ناڪاميءَ تي نامزد آفيسرن جي رويي تي شديد مايوسي جو اظهار ڪيو. هن واضح ڪيو ته 118 ڪال سينٽر پيٽ فارم جو قيام خاص ڪري ان لاءِ عمل ۾ آندو ويو هو ته جيئن عوام ۽ بجلي فراهم ڪندڙ ادارن وچ ۾ فاصلن کي ختم ڪري سگهجي، جيڪو به آفيسر ان نظام سان بي رُخي وارو رويو اختيار ڪري رهيو آهي هو سڌيءَ ريت عوامي ڀلائي جي حڪومتي عزم کي نقصان پهچائي رهيو آهي. هن هدايت ڪئي ته انهن سمورن نشاندهي ٿيل آفيسرن خلاف بنا دير اصلاحي ڪارراوئي (خاص ڪري معطلي) شروع ڪئي وڃي ۽ لاڳو سروس رولز تحت ان کي مقرر وقت اندر منتقي انجام تائين پهچايو وڃي. ان سلسلي ۾ پيسڪو فرضن ۾ غفلت ۽ طئي ٿيل هدف حاصل نه ڪرڻ تي 3 ايس ڊي اوز ۽ هڪ ايڪسيئن کي فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطل ٿيل ايس ڊي اوز پشاور سرڪل تحت گلبرگ، شاهي باغ ۽ سيٺي ٽائون/دليزاڪ سب ڊويزنن ۾ مقرر هئا، جن کي هاڻ روزانو حاضريءَ لاءِ جنرل مئنيجر (آپريشنز) پيسڪو هيڊ ڪوارٽرز سان رجوع ڪرڻ جو چيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح مردان-1 ڊويزن جي معطل ايڪسيئن کي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر (آپريشنز) مردان سرڪل سان ڳنڍيو ويو آهي. ان کان علاوه صوابي-1 ڊويزن جي ايڪسيئن (آپريشنز) کي به بدعنواني ۽ خراب ڪارڪردگي تي معطل ڪري سپرنٽينڊنٽ انجنيئر (آپريشنز) پشاور سرڪل جي ماتحت ڪيو ويو آهي. اهي حڪم ڄاڻايل اٿارٽي/سي اي اي پيسڪو جي منظوريءَ سان جاري ڪيا ويا آهن. سيپڪو پڻ 118 ڪال سينٽر تي شڪايتن جي ازالي ۾ خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي هڪ ايس ڊي او ۽ هڪ اڳوڻي ايڪسئين کي فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطل ٿيندڙن ۾ روهڙي سب ڊويزن جي ايس ڊي او آپريشن سجاد علي ميمڻ ۽ سکر ڊويزن جو اُن وقت جو ايڪسيئن (آپريشنز) معراج الدين شيخ شامل آهن، جيڪي اڄڪلهه ايڪسيئن ڪنسٽرڪشن ڊويزن سکر طور تي ڪم ڪري رهيا هئا. انهن ٻنهي کي حاضريءَ لاءِ سيپڪو هيڊ ڪوارٽز رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اهي حڪم سي اي او سيپڪو جي منظوريءَ سان جاري ٿيا آهن. احتساب جو اهو عمل صرف پيسڪو ۽ سيپڪو تائين محدود نه رهندو، ٻين سمورن ڊسڪوز خاص ڪري ليسڪو، گيپڪو، فيسڪو، آئيسڪو، ميپڪو، هيزيڪو، حيسڪو، ڪيسڪو ۽ ٽيسڪو پڻ سي سي ايم ايس پلس جي ڊيٽا جي روشنيءَ ۾ پنهنجي خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن خلاف ڪارروائيءَ جي شروعات ڪري رهيا آهن. انهن سمورن ڪمپنين ۾ مجموعي طور تي 100 کان وڌيڪ ايس ڊي اوز ۽ ايڪسئينز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن کي جلد ئي شوڪاز نوٽس، معطلي ۽ غير آپريشنل عهدن تي بدلين جهڙين کاتيوار ڪاررائوين کي مُنهن ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير سمورن ڊسڪوز کي هدايت ئي ته هو سب ڊويزن ۽ ڊويزن جي سطح تي شڪايتن جي حل جي شرح تي نظر رکڻ لاءِ هفتيوار نگراني جو هڪ فعال نظام واضح ڪن، جيڪي آفيسر شڪايتن جي انتظام ۾ مسلسل ناڪام ثابت ٿيندا، انهن خلاف سخت قدم کنيا ويندا، جن ۾ معطلي، نان آپريشنل سيٽن تي بدلي ۽ جبري رٽائرمينٽ شامل آهن. پاور ڊويزن اهو به اعلان ڪيو آهي ته سمورن ايس ڊي اوز ۽ ايڪسيئنز جي ڪارڪردگي جي رينڪنگ هر ٽه ماهي جي بنياد تي پبلڪ ڪئي ويندي ته جيئن پاور سيڪٽر ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي حڪومتي عزم کي هٿي ملي. سردار اويس احمد خان لغاري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي هر بجلي صارف کي هر وقت، اعتماد جوڳي ۽ باعزت خدمتن جي فراهمي لاءِ پوري طرح ڪاربند آهي جيڪو سندن حق آهي. هن زور ڀريو ته فيلڊ آفيسرن جي خراب ڪارڪردگي فقط هڪ انتظامي ڪوتاهي نه پر پاڪستان جي شهرين سان ناانصافي آهي، جنهن کي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته مسلسل غفلت ڪندر آفيسرن کي سخت اصلاحي سزائن کي مُنهن ڏيڻو پوندو، خاص ڪري معطلي، غير حساس عهدن تي منتقلي ۽ ضرورت پوڻ تي جبري رٽائرمينٽ. پاور ڊويزن پاڪستان جي بجلي ورڇيندڙ نظام کي هڪ اهڙي ڪارڪردگي ۽ صارف دوست نظام ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي جتي هر شڪايت کي ترجيح ڏني وڃي ۽ صارفين کي وقت سر سروس جي حق جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو وڃي. حڪومت پاور سيڪٽر ۾ ڊجيٽلائزيشن ۽ گورننس سڌارن ذريعي سمورن ڊسڪوز جي آپريشنل ڪارڪردگي جي سخت نگراني ڪري رهي آهي. انهن سڌارن وارن قدمن ۾ فيلڊ فارميشنز جي ڪارڪردگيءَ جو غير جانبداراڻو جائزو وٺڻ ۽ ڊسڪوز ۾ مقرر افرادي سگهه کي پَرکڻ جي حڪومتي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي.

مزید خبریں