اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻيءَ ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ رائيٽ سائزنگ، مالي نظم و ضبط ۽ اداره جاتي جدت تي ٻَڌل هڪ جامع سڌارن وارو پروگرام ڪاميابيءَ سان لاڳو ڪيو آهي. ان پروگرام جو مقصد ڪارڪردگي بهتر بنائڻ، شفافيت وڌائڻ ۽ عوامي وسيلن جو اثرائتو استعمال يقيني بنائڻ آهي. ان ڪفايت شعاري قدمن جي نتيجي ۾ سيڪريٽريٽ موجوده مالي …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي اڳواڻيءَ ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ رائيٽ سائزنگ، مالي نظم و ضبط ۽ اداره جاتي جدت تي ٻَڌل هڪ جامع سڌارن وارو پروگرام ڪاميابيءَ سان لاڳو
اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻيءَ ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ رائيٽ سائزنگ، مالي نظم و ضبط ۽ اداره جاتي جدت تي ٻَڌل هڪ جامع سڌارن وارو پروگرام ڪاميابيءَ سان لاڳو ڪيو آهي. ان پروگرام جو مقصد ڪارڪردگي بهتر بنائڻ، شفافيت وڌائڻ ۽ عوامي وسيلن جو اثرائتو استعمال يقيني بنائڻ آهي. ان ڪفايت شعاري قدمن جي نتيجي ۾ سيڪريٽريٽ موجوده مالي سال ۾ اٽڪل 4.5 ارب رپين جي بچت ڪرڻ طرف وڌي رهي آهي، جيڪو مجموعي بجيٽ جو 27.3 سيڪڙو بڻجي ٿو. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب مالي سال 26-2025ع لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو مجموعي بجيٽ 16.3 ارب رپيا هو. ان ۾ 9.4 ارب رپيا ملازمن بابت خرچ شامل آهن، جن ۾ پگهارون، الائونسز ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ سيڪريٽريٽ آفيسرن جون ادائگيون شامل آهن، جڏهن ته 6.9 ارب رپيا غير ملازمت خرچ آهن، جن ۾ آپريشنل خرچ، يوٽيلٽيز، سارسنڀال، خريداري، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا انتظامي خرچ شامل آهن. مختلف ڪفايت شعاري ۽ ڪارڪردگي بهتر بنائڻ وارن قدمن ذريعي سيڪريٽريٽ ملازمن بابت خرچن ۾ اٽڪل 2.0 ارب رپيا ۽ غير ملازمت خرچن ۾ 2.5 ارب رپين جي بچت حاصل ڪئي. رائيٽ سائزنگ قدمن تحت قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي منظور ڪيل آسامين جو انگ 1725 کان گهٽ ڪري 1344 ڪيو پيو وڃي. اهڙيءَ طرح مجموعي طور تي 381 آسامين ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، جن مان 301 آساميون پهرين ئي ختم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته باقي 80 آساميون مالي سال 27-2026ع دوران ختم ڪيون وينديون. اهي سڌارا اسپيڪر جي ان عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته اداري کي وڌيڪ اثرائتو، ڪارڪردگيءَ تي ٻَڌل ۽ گهٽ خرچ بڻايو وڃي ته جيئن قومي خزاني تي بار گهٽ ٿئي. جڏهن ته اهو واضح ڪيو ويو آهي ته ان عمل ۾ نه ڪنهن ملازم کي برطرف ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي مجبورن استعيفيٰ ڏيڻي پئي، جيڪو بهتر ۽ جديد انساني وسيلن جي انتظام جو مثال آهي. غير ملازمت خرچن ۾ نمايان گهٽتائي سخت مالي نگراني، ڪفايتي خريداري، توانائي جي اثرائتي استعمال، آپريشنل خرچن تي سخت ڪنٽرول ۽ جديد انتظامي نظام سبب ممڪن ٿي آهي. اسپيڪر جي ويزن موجب پيپر ليس قدم پارليامينٽ ۾ لاڳو ڪرڻ انهن بچتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پارلياماني معاملن جي مڪمل ڊجيٽلائزيشن ذريعي ايجنڊا، بلز، رپورٽن، پارلياماني دستاويزن ۽ ڪميٽي رڪارڊز جي اليڪٽرانڪ پهچ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڪاغذ جي استعمال، پرنٽنگ خرچ، رڪارڊ مئنجمينٽ ۽ انتظامي دير ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي. ان ڊجيٽل نظام نه صرف ڪارڪردگي بهتر بڻائي آهي پر ماحولياتي تحفظ ۾ به مدد ڏني آهي. جديد ڪاريءَ جي ايجنڊا تحت قومي اسيمبليءَ کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل ٽولز جي انضمام ذريعي ملڪ جي پهرين مصنوعي ذهانت سان ڳنڍيندڙ پارليامينٽ بڻايو ويو آهي، جنهن جو مقصد قانونسازي جي تحقيق، دستاويزن جي انتظام، ڄاڻ تائين پهچ ۽ انتظامي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ آهي. اهي قدم پارلياماني نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ، اداره جاتي صلاحيت وڌائڻ ۽ ميمبرن ۽ لاڳاپيل ڌُرين لاءِ خدمتون بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏئي رهيا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سرڪاري ٽرانسپورٽ ۽ سفري خرچن ۾ به سخت ڪفايت شعاري جهڙا قدم کنيا آهن. سرڪاري گاڏين جي بهتر انتظام، گاڏين جي اثرائتي استعمال، ٻارڻ جي استعمال ۾ گهٽتائي ۽ سارسنڀال جي خرچن تي سخت ڪنٽرول ذريعي نمايان بچت حاصل ٿي آهي. اسپيڪر چيو ته انهن سڌارن ذريعي حاصل ٿيندڙ بچت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پارليامينٽ عوامي وسيلن جي اثرائتي استعمال ۽ ٻين ادارن لاءِ مثال قائم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سڌارن جو اهو سلسلو جاري رکندي ته جيئن ڪارڪردگيءَ ۾ وڌيڪ بهتري، جوابدهي کي هٿي وٺرائڻ، جدت جو تسلسل ۽ قومي وسيلن جو بهترين استعمال يقيني بڻائي سگهجي.












