خيبرپختونخواهه جي گورنر جي ريلوي واري وفاقي وزير سان ملاقات

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عوامي مسئلن جي حل بابت ڳالهيون ڪيون ويون. فيصل ڪريم ڪنڊي ريلوي ۾ جاري سڌارن ۽ بهتري جي قدمن کي ساراهيندي انهن کي عوامي سهولت لاءِ اهم قرار ڏنو. هن چيو …

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عوامي مسئلن جي حل بابت ڳالهيون ڪيون ويون. فيصل ڪريم ڪنڊي ريلوي ۾ جاري سڌارن ۽ بهتري جي قدمن کي ساراهيندي انهن کي عوامي سهولت لاءِ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته ريلوي جي شعبي ۾ سڌارن جي نتيجي ۾ سفري سهولتن ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ عاوم جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ان موقعي تي قومي ترقي، بهتر طرزِ حڪمراني ۽ عوامي خدمت جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں