مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي ڪاروباري برادري جا ٿورائتا آهيُون، حڪومت ۽ نجي شعبي جي مضبوط حصيداري معاشي ترقي جي ضمانت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي ڪاروباري برادري جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي مضبوط حصيداري معاشي ترقي جي ضمانت آهي، غيررسمي معيشت کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو. اهڙن …

اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي ڪاروباري برادري جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي مضبوط حصيداري معاشي ترقي جي ضمانت آهي، غيررسمي معيشت کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي ناليوارن صنعتڪارن ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات ملڪ جي مجموعي معاشي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ مالي سال 27 – 2026ع جي بجيٽ جي حوالي سان ڪاروباري برادري سان مشاورت جي ڏس ۾ هئي. وفد ۾ ميان محمد منشا، عارف حبيب، عاطف باجوه، محمد علي تبه، مصدق ذوالقرنين، زياد بشير، شهزاد سليم، زيلاف منير، عمر سعيد، عمر منشا، يوسف سعيد، ڪامران ارشد، خرم مختار، آصف پير، سلطان گوهر اعجاز، فواد انور، ذوالفقار حيات، جاويد اقبال، يوسف حسين، عامر ابراهيم، خواجه مسعود اختر ۽ اعجاز نبي شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته توهان پاڪستان جي سفير ۽ دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ آهيو. هن مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي ڪاروباري برادري جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي مضبوط حصيداي معاشي ترقي جي ضمانت آهي، پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان پاليسي سازي ۾ ڪاروباري برادري سان مشاورت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته روانگي واپار تي ٻڌل ترقي جي راهه تي گامزن آهي، اهو اسان جي معاشي پاليسي جو محور آهي، غيررسمي معيشت کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا پيا وڃن، ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ٿي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو. هن چيو ته حڪومت اهڙي صنعتن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جن سان ملڪي پيداوار وڌي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي، نوڪرين جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ٿين، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي سان معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ملندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، نوجوانن جي لاءِ فني تربيت جا پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن انهن کي روزگار ملڻ ۾ آساني ٿئي ۽ اهي قومي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. وفد کي ڪاروبار، صنعت ۽ واپار جي فروغ جي حوالي سان حڪومتي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيڪس ڪيس جلد اڪلائڻ جي لاءِ ٽيڪس ٽربيونلز ۾ سڌارا آندا ويا آهن، انهن ٽربيونلز ۾ انتهائي شفاف طريقيڪار جي ذريعي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، اسپيشل ڪمرشل ڪورٽس قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪراچي جي بندرگاهن تان اندرون ملڪ پهچ بهتر بڻائڻ جي لاءِ موٽروي ايم – 10 جي اپ گريڊيشن ۽ پيپري فريٽ ڪوريڊور تي ڪم جاري آهي، موٽروي ايم – 13 (کاريان – راولپنڊي) جي تعمير سان لاهور ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ فاصلو گهٽ ٿي ويندو، پاڪستان ريلوي جي ايم ايل ون ۽ ايم ايل ٽو جي اپ گريڊيشن سان ريلوي جو انفراسٽرڪچر بهتر ٿيندو جنهن سان واپاري سامان جي پهچ بهتر ٿيندي. بريفنگ موجب نيشنل اي آءِ ٽرانسفارميشن پلان جوڙيو پيو وڃي، شگر ۽ سيمنٽ سيڪٽر جي پيداوار جي حوالي سان انهن صنعتن ۾ وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ سان روينيو جي مد ۾ بهتري آئي. وفد خطي ۾ امن جي بحالي جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو. ڪاروباري اڳواڻن وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي بحالي جي سفر ۽ بهتر مالياتي انتظام تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفد ملڪي معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جا ٿورا ادا ڪيا. وفد جي ميمبرن ڊيجيٽل ادائيگين ۽ دستاويزي معيشت جي فروغ جي حڪومتي ويزن کي ساراهيندي ٽيڪس سڌارن ۽ ڪاروباري آسانين جي فروغ جي قدمن جي آجيان ڪئي. ڪاروباري اڳواڻن صنعتن جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ، ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ ليوي جي خاتمي ۽ ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگين تي وزيراعظم جا ٿورامڃيا ۽ ايندڙ بجيٽ جي تياري ۾ ڪاروباري برادري کي اعتماد ۾ وٺڻ جي قدم کي ساراهيو. هنن وزيراعظم کي قومي معيشت جي مضبوطي ۽ بجيٽ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. ڪاروباري برادري معاشي بحالي ۽ ترقي جي لاءِ حڪومت سان مڪمل تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن صنعتي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ساراهيو. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، صنعت ۽ پيداوار واري خاص معاون هارون اختر، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.


مزید خبریں