اينٽي نارڪوٽڪس فورس پاران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 2 جوابدار گرفتار

راولپنڊي- 02 جون (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ ٻن ڪارروائين دوران 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري هڪ ڪروڙ 73 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 231.2 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف ترجمان مطابق غزه بند روڊ ڪوئيٽا ويجهو گاڏي مان 230 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ساڳئي طرح …

راولپنڊي- 02 جون (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ ٻن ڪارروائين دوران 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري هڪ ڪروڙ 73 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 231.2 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف ترجمان مطابق غزه بند روڊ ڪوئيٽا ويجهو گاڏي مان 230 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ساڳئي طرح هڪ ٻئي ڪارروائي ۾ اقبال شهيد ٽول پلازه اٽڪ ويجهو مسافر جي قبضي مان 1.2 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن ڪارروائين جو منشيات جي روڪٿام ايڪٽ 1997ع تحت ڪيسن داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. 

مزید خبریں