مالي سال 26-2025ع جي پڄاڻي تي ڪليمز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 12 جون مقرر: اي جي پي آر

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) اسلام آباد، مالي سال 26-2025ع جي پڄاڻي کي نظر ۾ رکندي ادائيگين ۽ ڪليمز سان لاڳاپيل اهم ڊيڊ لائنز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن مطابق تمام ڊرائنگ اينڊ ڊسبرسنگ آفيسرن (ڊي ڊي اوز) کي هدايت ڪئي وئي آهي ته تازين خريدارين ۽ حاصل ڪيل خدمتن سان لاڳاپيل سمورا ڪليمز 12 جون 2026ع تائين لازمي طور تي جمع …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي پي آر) اسلام آباد، مالي سال 26-2025ع جي پڄاڻي کي نظر ۾ رکندي ادائيگين ۽ ڪليمز سان لاڳاپيل اهم ڊيڊ لائنز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن مطابق تمام ڊرائنگ اينڊ ڊسبرسنگ آفيسرن (ڊي ڊي اوز) کي هدايت ڪئي وئي آهي ته تازين خريدارين ۽ حاصل ڪيل خدمتن سان لاڳاپيل سمورا ڪليمز 12 جون 2026ع تائين لازمي طور تي جمع ڪرايا وڃن. نوٽيفيڪيشن موجب 12 جون 2026ع تائين جاري ڪيل ٽوڪنز تي سمورن غير منظور ٿيل بلن ۽ دعوائن کي ٻيهر جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جون 2026ع مقرر ڪئي وئي آهي. ساڳئي طرح اي جي پي آر اسلام آباد ۽ ان جي ذيلي آفيسن جي انتظام هيٺ اسائنمنٽ اڪائونٽس لاءِ رليز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 19جون 2026ع هوندي. اي جي پي آر واضح ڪيو آهي ته 12 جون 2026ع کانپوءِ اعزازيه (Honorarium) سان لاڳاپيل ڪي به ڪليم قبول نه ڪيا ويندا. وڌيڪ آف سائيڪل ادائيگين سان لاڳاپيل ڪمپيوٽرائزڊ تبديل ٿيل اسائمنٽس صرف 11 جون 2026ع تائين وصول ڪيون وينديون، جڏهن ته ان تي ڪارروائي عارضي طور تي 16 جون 2026ع تائين مڪمل ڪئي ويندي.

مزید خبریں