هلندڙ مهيني جون ۾ صارفين کي 20 پئسا في يونٽ نج رليف ملندو: توانائي واري وزارت

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) توانائي واري وزارت، اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ مهيني جون ۾ صارفين کي 20 پئسا في يونٽ نج رليف ملندو. پاور ڊويزن جي ترجمان مطابق جيڪڏهن اپريل 2026ع ۾ ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ (ايف سي اي) تحت 1.73 رپيا في يونٽ جو مثبت اثر (يعني بل ۾ اضافو) ٿيو، پر سال جي شروعاتي ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) لاءِ ٽه ماهي ايدجسٽمنٽ (ڪيو ٽي اي) …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) توانائي واري وزارت، اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ مهيني جون ۾ صارفين کي 20 پئسا في يونٽ نج رليف ملندو. پاور ڊويزن جي ترجمان مطابق جيڪڏهن اپريل 2026ع ۾ ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ (ايف سي اي) تحت 1.73 رپيا في يونٽ جو مثبت اثر (يعني بل ۾ اضافو) ٿيو، پر سال جي شروعاتي ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) لاءِ ٽه ماهي ايدجسٽمنٽ (ڪيو ٽي اي) ناڪاري رهيو، جيڪو 1.93 رپيا في يونٽ آهي، ڇاڪاڻ ته اهو منفي ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ (1.93) مثبت ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ (1.73) کان وڌيڪ آهي، ان لاءِ ٻنهي جي هڪ ٻئي کي ڪينسل ڪرڻ کانپوءِ صارفين کي نج 20 پئسا في يونٽ جو رليف ملي رهيو آهي. ان جي نتيجي ۾ جون 2026ع ۾ جنوري کان مئي 2026ع جي ڀيٽ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. هن چيو ته ان پسِ منظر ۾ اهو سمجهائڻ ضروري آهي ته اپريل 2026ع ۾ هڪ سنگين عالمي بحران آيو هو. ايران آمريڪا جنگ سبب آر ايل اين جي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪروڊ جي امڪاني قيمت 70 ڊالر في بيرل هئي، جيڪا وڌي 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي. عام حالتن ۾ ان جو مطلب صارفين تي 5 کان 6 رپيا في يونٽ جو ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جو اضافي بار هجي ها پر حڪومت وقت سر قدم کڻندي روزانو صرف 2 کان 2.25 ڪلاڪ جي معتدل لوڊ مينجمنٽ، مارڪيٽن جي جلد بندش، مقامي گئس جي اضافي الاٽمنٽ ۽ فرنس آئل جي محدود استعمال سان ان وڏي اضافي کي روڪي اصل ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ صرف 1.73 رپيا في يونٽ تائين محدود ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح حڪومت، اپريل ۾ اٽڪل 38 ارب رپين جو بار صارفين تي منتقل ٿيڻ کان بچائي ورتو. ٻئي طرف ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ ۾ 1.93 رپيا في يونٽ جي گهٽتائي (ڪل ڳاڻيٽو 65 ارب رپيا) بهتر انتظامي سڌارن، لائن لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي جي اضافي طلب، قيمتن ۾ استحڪام ۽ انڪريمنٽل ٽيرف پيڪيجز سبب ٿي. مجموعي طور تي بيس ٽيرف جي ڀيٽ ۾ 46 ارب رپين جي منفي تبديلي صارفين جي حق ۾ وڃي رهي آهي. اها سموري حقيقت ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته ريفرنس ٽيرف دانشمنداڻي طور تي طئي ڪيو ويو هو ۽ عالمي ۽ علائقائي ڏکيائين باوجود حڪومت، پنهنجي اثرائتين ڪاوشن سان صارفين کي وڌيڪ مالي بار کان بچائي ورتو آهي. 

مزید خبریں