اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته مانسهره، ڪاغان، ناران، جهالکنڊ ۽ چلاس ۾ نئون موٽروي تعمير ٿيندو، نئين موٽروي کي سڌي ريت چين سان ڳنڍيو ويندو ۽ اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو. اڱاري ڏينهن مواصلات واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير جي صدارت ۾ اين ايڇ اي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ مواصلات واري …
مانسهره، ڪاغان، ناران، جهالکنڊ ۽ چلاس ۾ نئون موٽروي تعمير ٿيندو: عبدالعليم خان
اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته مانسهره، ڪاغان، ناران، جهالکنڊ ۽ چلاس ۾ نئون موٽروي تعمير ٿيندو، نئين موٽروي کي سڌي ريت چين سان ڳنڍيو ويندو ۽ اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو. اڱاري ڏينهن مواصلات واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير جي صدارت ۾ اين ايڇ اي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ اين ايڇ اي چيئرمين، وفاقي وزير کي اهم معاملن تي بريفنگ ڏندي. اجلاس ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايم اين جي سي موٽروي جي ڪل ڊگهائي 172 ڪلوميٽر هوندي، منصوب ۾ 13.5 ڪلوميٽر ڊگهو بابوسر ٽنل بڻجندي جيڪا پاڪستان جي ڊگهي ٽنل هوندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ موٽروي مانسهره کان ڪاغان، ناران ۽ بابوسر ٽاپ تائين بڻائي ويندي، ٻئي مرحلي ۾ ان موٽروي کي بابوسر ٽاپ کان چلاس تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اها موٽروي شاهراه قراقرم جي متبادل طور تي بهترين ۽ محفوظ رستو فراهم ڪندي. ايم اين جي سي موٽروي سان شاهراهه قراقرم جو سفر 120 ڪلوميٽر تائين گهٽ ٿي ويندو، موٽروي جو اهو نيٽ ورڪ اوهه چين کي ڪراچي جي بندرگاهن سان ڳنڍيندو. وفاقي وزير چيو ته اها نئين موٽروي اولهه چين کان عربي سمنڊ تائين تيز، مختصر ۽ موزون روٽ هوندي. گوادر بندرگاهه جي پائيدار ترقي لاءِ اهو موٽروي منصوبو حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندو.












