گهرو معاملن واري وفاقي وزير جو نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) نيشنل پوليس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن پراجيڪٽ تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايليٽ ٽريننگ اسڪول ۾ ريپلنگ ٽاور تي 80 سيڪڙو، جاگنگ ٽريڪ ۽ آبسٽيڪلز تي 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪيو ۽ اپ گريڊيشن پراجيڪٽ تي اڳڀرائي …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) نيشنل پوليس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن پراجيڪٽ تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايليٽ ٽريننگ اسڪول ۾ ريپلنگ ٽاور تي 80 سيڪڙو، جاگنگ ٽريڪ ۽ آبسٽيڪلز تي 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪيو ۽ اپ گريڊيشن پراجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي گهرو وزير، اپ گريڊيشن پراجيڪٽ سان لاڳاپيل اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جي سلسلي ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ايليٽ ٽريننگ اسڪول جي فائرنگ رينج ۽ بائونڊري وال کي 2 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. نيشنل پوليس اڪيڊمي کي مرحليوار سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايم سي ڪورس تي نظرثاني جي اصولي منظوري ڏني وئي ۽ سمورن ڪلاس رومز کي جديد آءِ ٽي سهولتن سان ليس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان موقعي ڊي جي ايف آءِ اي، سي ڊي اي چيئرمين، آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊپٽي ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. 

مزید خبریں