مملڪتي وزير وجيهه قمر سان قازقستان جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر قازقاستان جي سفير يرزان ڪستافين سان قازقستان جي سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليم جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ تعليمي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، فني ۽ پيشيوراڻي تعليم، هنرمند افرادي سگهه جي تياري، فني تربيتي …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر قازقاستان جي سفير يرزان ڪستافين سان قازقستان جي سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليم جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ تعليمي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، فني ۽ پيشيوراڻي تعليم، هنرمند افرادي سگهه جي تياري، فني تربيتي پروگرامن ۽ شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان عالمي ڀائيوارين ذريعي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين تعليم، هنرمندي ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسڪالرشپ پروگرامن، فني تربيت ۽ تعليمي مٽا سٽا جي فروغ لءِ گڏيل قدمن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن وچ ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ ۽ علمي ۽ پيشيوراڻي مٽا سٽا ذريعي گڏيل تعاون جي فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي به غور ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪستان ايجوڪيشن اينڊومنٽ فنڊ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر سيده حاجره سهيل ۽ ٻيا موجود هئا. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ تعليم، فني تربيت ۽ هنرمند افرادي سگهه جي ترقي جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو ته جئين ٻنهي ملڪن جي عوام خاص ڪري نوجوان نسل ان مان فائدو کڻي سگهي.

مزید خبریں