اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اٽلي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي اٽلي جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ پراڻا دوستي وارا لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد ۽ سهڪار تي ٻڌل آهن. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اٽلي پاڪستان جو هڪ اهم يورپي ڀائيوار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا …
ريلوي واري وفاقي وزير جي اٽلي جي قومي ڏينهن تي اٽلي جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪ
اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اٽلي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي اٽلي جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ پراڻا دوستي وارا لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد ۽ سهڪار تي ٻڌل آهن. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اٽلي پاڪستان جو هڪ اهم يورپي ڀائيوار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان اٽلي سان واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي وٺرائڻ کي خاص اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته اٽلي جو قومي ڏينهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ٿيڻ جي عزم جي تجديد فراهم ڪري ٿو. هن اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اها برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان اٽلي سان اقتصادي، واپاري ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا وسيع امڪان موجود آهن، جيڪي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جا مضبوط لاڳاپا گڏيل مفادن جي تحفظ ۽ عالمي سهڪار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن اٽلي جي قومي ڏينهن تي پاڪستان ۽ اٽلي جي عوام لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.












