سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار 600 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4600 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 76 هزار 3 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي قيمت ۾ 4 هزار 600 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 76 هزار 3 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3944 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 04 هزار 459 رپين مان وڌي 4 لک 08 …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4600 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 76 هزار 3 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي قيمت ۾ 4 هزار 600 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 76 هزار 3 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3944 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 04 هزار 459 رپين مان وڌي 4 لک 08 هزار 403 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 70 هزار 767 رپين مان وڌي 3 لک 74 هزار 383 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 94 رپين جي واڌ کانپوءِ 8153 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 80 رپين جي واڌ کانپوءِ 6989 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4494 ڊالرز کان وڌي 4540 ڊالرز ٿي وئي.

مزید خبریں