آمريڪا ۾ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون طلب

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) ٽريڊ ڊيولپمنٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته آمريڪا ۾ 10 کان 12 آگسٽ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ميجڪ شو ۾ شرڪت لاءِ 12 جون تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش آمريڪا جي شهر لاس ويگاس ۾ 10 آگسٽ کان 12 آگسٽ تائين جاري رهندي، جنهن ۾ اسپورٽس ويئرز، چمڙي جي مصنوعات …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) ٽريڊ ڊيولپمنٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته آمريڪا ۾ 10 کان 12 آگسٽ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ميجڪ شو ۾ شرڪت لاءِ 12 جون تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش آمريڪا جي شهر لاس ويگاس ۾ 10 آگسٽ کان 12 آگسٽ تائين جاري رهندي، جنهن ۾ اسپورٽس ويئرز، چمڙي جي مصنوعات سان واڳيل ماڻهون ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٽي ڊي اي پي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.

مزید خبریں