قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي سس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي سس لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق چوڌري نثار علي خان ۽ سندس خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو خاندان لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي سس لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق چوڌري نثار علي خان ۽ سندس خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو خاندان لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته خاندان جي بزرگ جو سايو مٿي تان هٽي وڃڻ خاندان لاءِ هڪ گهرو ۽ ناقابل فراموش صدمو هُوندو آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ چوڌري نثار علي خان ۽ سندس خاندان سان برابر جا شريڪ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جي خاندان کي صبر ۽ هن صدمي کي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مرحومه جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام جي دُعا پُڻ ڪئي.

مزید خبریں