ڪراچي- 01 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪراچيءَ ۾ يونيورسٽي روڊ صفوران ۾ واقع نادرا ميگا سينٽر جو اوچتو دؤرو ڪيو ۽ بزرگ شهرين ۽ عورتن جي ڪَمن کي ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير نادرا ميگا سينٽر ۾ شهرين لاءِ سهولتن جو جائزو ورتو. هو شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن بڻائڻ لاءِ آيل …
گهرو وزير محسن نقوي جو ڪراچيءَ ۾ نادرا ميگا سينٽر جو دؤرو
ڪراچي- 01 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪراچيءَ ۾ يونيورسٽي روڊ صفوران ۾ واقع نادرا ميگا سينٽر جو اوچتو دؤرو ڪيو ۽ بزرگ شهرين ۽ عورتن جي ڪَمن کي ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير نادرا ميگا سينٽر ۾ شهرين لاءِ سهولتن جو جائزو ورتو. هو شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن بڻائڻ لاءِ آيل شهرين سان مليو ۽ شهرين سان سينٽر ۾ فراهم ڪيل سهولتن بابت معلوم ڪيو. گهرو وزير شهرين کان شناختي ڪارڊز ۽ ٻين دستاويز بڻائڻ جي عمل جي باري ۾ پُڇيو. نادرا ميگا سينٽر ۾ موجود شهرين مهيا ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. شهرين ڳالهائيندي چيو ته شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا دستاويز بڻائڻ ۾ انتظار ڪرڻو پوي ٿو، وقت تي وارو اچي وڃي ٿو ۽ عملو به مڪمل سهڪار ڪري ٿو. گهرو وزير نادرا سينٽر جي انچارج ۽ عملي جي ڪارڪردگيءَ جي تعريف ڪئي.












