اسلام آباد - پهرين جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي پاران ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. ان دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازه ترين صورتحال ۽ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده مرحلي تي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ مسلسل …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي جو ٽيليفونڪ رابطو
اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي پاران ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. ان دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازه ترين صورتحال ۽ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده مرحلي تي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ مسلسل سفارتي رابطا ۽ ڪوششون لازمي آهن. ڌرين گڏيل رابطو برقرار رکڻ ۽ ويجهي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.












