اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ جو وڏو مالياتي حصو قرضن جي ادائگيءَ تي خرچ ٿي رهيو آهي، جنهن سبب بجيٽ سخت دٻاءُ جو شڪار آهي، جڏهن ته غير اهم ترقياتي رٿائن کي جاري رکڻ وفاق لاءِ ڏُکئي کان ڏُکيو ٿيندو پيو وڃي. سُومر ڏينهن سالياني پلان ڪوآرڊيشن ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت …
ترقياتي بجيٽ تي سخت دٻاءُ سبب غير ضروري رٿائن جي گنجائش ختم ٿي رهي آهي، پي ايس ڊي پي جو ڳاڻيٽو 1126 ارب رپيا رکيو ويو آهي: احسن اقبال
اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ جو وڏو مالياتي حصو قرضن جي ادائگيءَ تي خرچ ٿي رهيو آهي، جنهن سبب بجيٽ سخت دٻاءُ جو شڪار آهي، جڏهن ته غير اهم ترقياتي رٿائن کي جاري رکڻ وفاق لاءِ ڏُکئي کان ڏُکيو ٿيندو پيو وڃي. سُومر ڏينهن سالياني پلان ڪوآرڊيشن ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل 8 سالن کان وفاقي ترقياتي بجيٽ منجمند هئڻ جي حالت جو شڪار آهي ۽ اڄ به اٽڪل اها ئي سطح برقرار آهي جيڪا 2018ع ۾ هئي. سندس چوڻ هو ته جاري ترقياتي رٿائن جي پڄاڻيءَ لاءِ اٽڪل 10 هزار ارب رپيا گهربل آهن، جڏهن ته مختلف وزارتن آئينده مالي سال جاري رٿائن جي مد ۾ 4 هزار ارب رپين جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته مالي وسيلن جي محدود دستيابيءَ سبب 3 هزار رپين جي به طلب پوري نٿي ڪري سگهجي. احسن اقبال چيو ته وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ نمايان فرق پيدا ٿي چڪو آهي. گذريل 8 سالن دوران صوبن جو ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپين مان وڌي 3 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته وفاقي ترقياتي بجيٽ اٽڪل هڪ هزار ارب رپين جي سطح تي ئي موجود آهي. هن اعلان ڪيو ته آئينده مالي سال جي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1126 ارب رپيا رکيو پيو وڃي. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ 153 ارب رپيا رکيا ويندا. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ۾ حصو ملڻ گهرجي ۽ وفاقي پنهنجي اين ايف سي حصي مان انهن علائقن جي مالي معاونت جاري رکندو. وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقيءَ کي خاص اهميت ڏئي رهي آهي ۽ آئينده بجيٽ ۾ بلوچستان لاءِ 100 ارب رپيا ماليت جا منصوبا شامل ڪرڻ جي تجويز آهي. هن ٻُڌايو ته اين-25 شاهراهه لاءِ 25 ارب رپيا رکڻ جي منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اتحادي پارٽين طرفان تجويز ڪيل 87 ارب رپين جي ترقياتي منصوبن تي به ڌيان ڏنو ويندو. معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت غير يقيني ۽ عارضي معاشي اؤسر بدران پائيدار ۽ مستحڪم ترقيءَ تي يقين رکي ٿي. سندس مطابق خرچن ۾ غير معمولي واڌ وقتي طور تي ترقيءَ جي رفتار وڌائي سگهي ٿي پر اهڙي ترقي جٽادار نه هوندي آهي. هن زور ڀريو ته پاڪستان جي پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ روانگي واپار ۾ واڌ اڻٽر آهي. هن چيو ته زراعت جي شعبي جي جديد رُخن تي ترقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ سي پيڪ فيز ٽو تحت زرعي تحقيق ۽ جديد ٽيڪنڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستاني ماهرن کي چين ۾ تربيت ڏني پئي وڃي. ان سلسلي ۾ هڪ هزار زرعي ماهرن جي تربيت جو پروگرام جاري آهي. احسن اقبال چيو ته 2019ع کان 2022ع دوران ورتل وڏن قرضن جي ادائگي لاءِ هاڻ وڏي رقم رکڻي پوي ٿي، جنهن سان ترقياتي خرچ متاثر ٿي رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت معاشي استحڪام جي ميدان ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن ٻُڌايو ته ناڻي واڌ جي شرح کي ڊبل ڊجٽ مان سنگل ڊجٽ تي آڻڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جيتوڻيڪ وچ اوڀر ۾ جاري بحران سبب مهانگائي تي دٻاءُ برقرار آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال جولاءِ کان اپريل ۾ مهانگائيءَ جي سراسر شرح 6.2 سيڪڙو رهي، جڏهن ته پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو 34 ارب تائين پهچي چڪو آهي. اپريل 2026ع تائين پاڪستان جي ملڪي ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 21.3 ارب ڊالرن جي سطح تي موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ وياج جي شرح 23 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 10 سيڪڙو تائين اچي چڪي آهي. وزيراعظم اهڙي معاشي ترقيءَ جو خواهشمند آهي جيڪو مضبوط، متوازن ۽ پائيدار هجي ۽ جنهن جو بنياد روانگي واپار، پيداواري شعبن جي ترقي ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي هجي.












